”مودي خوش ٿيندو هوندو ته سڄو پاڪستان ان جو ايجنٽ بڻجي ويو“

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر پاڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ تي طنز ڪندي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خوش ٿيندو هوندو ته سڄو پاڪستان ان جو ايجنٽ بڻجي ويو.

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ن ليگ جي 40 اڳواڻن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ان تي ردعمل ڏيندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته ننڍو دماغ رکندڙ تعصبي ماڻهن کي ان ڳالهه جو گهٽ ئي احساس هوندو ته انهن جي نفرت تي ٻڌل سياست جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا.

سندس چوڻ هو ته هڪ ڀارت مخالف ڪشميري طور هاڻ مون کي پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ورائي وئي آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خوش ٿيندو هوندو ته تقريبن سڄو پاڪستان ان جو ايجنٽ بڻجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.