نصيرآباد ۾ شاگردن جو لائبريري ۾ سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ)  پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ سپاف شھيد ڀٽو جي اڳواڻن رياض ڦلپوٽو صابر لغاري امجد سنڌي ۽ صدام  حسين جي اڳواڻي ۾ ايڊمنسٽريٽر آفيس نصيرآباد جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نعري بازي، ان موقعي تي  شاگرد اڳواڻن چيو ته شهر جي پبلڪ لائبريري ۾ سهولتون نه هجڻ ڪري تعليم پرائڻ ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي لائبريري کي سرڪار عمارت ڏئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن،  جڏهن ته   احتجاج ۾ پي آر ايس ايف سپاف شھيد ڀٽو عوامي ورڪرز پارٽي پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن ۽ شاگردن ڪامريڊ ابراهيم چانڊيو،ساگر تنيو، وسيم خاصخيلي ڪاشف پتوجو، عمران نوناري، عاقب ڀٽي ۽ ٻيا شريڪ رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.