ڪراچي ۾ معذور عورت سان لڄالٽ ڪيس جو هڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ ذهني طور معذور عورت سان اجتماعي لڄالٽ واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار  فيصل ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي آهي ، مومن آباد پوليس جوابدار فيصل کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪري جوابدار فيصل جي ڊي اين اي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، جوابدار فيصل ذهني طور معذور عورت سان لڄالٽ واري الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته جوابدار حميد عورت کي سندس ڪارخاني تي وٺي آيو ۽ ساڻس لڄالٽ ڪئي، واقعي کانپوءِ حميد گُم ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.