ڪشمور ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سارين جي پوک متاثر

ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ خريف جي مند ۾ پوکيل ساريالو فصل گذريل برسات جي بيٺل پاڻي ۾ مڪمل 80  سيڪڙو  تباهه ٿي ويو آهي ڳوٺ غلام حسين کوسو ڳوٺ عنايت الله کوسو ڳوٺ امام الدين ملڪ ڳوٺ محمد علي کوسو ڳوٺ رسول بخش کوسو ڳوٺ روشن الدين کوسو حضور بخش کوسو سميت ڪيترن ئي ڳوٺاڻن جو ساريالو فصل زمين تي ڪري پٽ پئجي ويو آهي، ان حوالي سان آبادگارن دانهيندي چيو ته زمينن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويا آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي نيڪال ڪرائي نقصان جو ازالو ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.

رليف ڪميٽيون ٺاهي برسات متاثرن جي مدد پيا ڪريون: ريحانه لغاري

ٻيلو شھر (ن ع آ) سنڌ حڪومت برسات متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، رليف ڪميٽيون  جوڙي ضلعي انتظاميه ذريعي برسات متاثرن علائقن مان پاڻي ڪڍرائي بي گهر ٿيل رهواسين کي ٽينٽ ڏنا پيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظھار ر ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ريحانه لغاري ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي جي برسات متاثر ڳوٺن ڳوٺ احمد درس ڳوٺ لال درس ڳوٺ قادو ملاح سليمان ملاح ۽ ڳوٺ ملهار ملاح جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته  ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب وڏو نقصان  پهتو آھي ڳوٺن جو جائزو ورتو آھي . ۽ ڳوٺاڻن کان پاڻي نيڪالي بابت معلومات ورتي آھي هن چيو ته جلد پاڻي نيڪال ڪيو ويندو ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي  اسٽنٽ ڪمشنر تعلقه سجاول سميع الله سنجراڻي کي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.