عمرڪوٽ: کنڀي گم ڪيل موهن ميگهواڙ جي آزادي لاءِ والد جي بک هڙتال

عمرڪوٽ ۾ شاگرد موهن ميگهواڙ جي بازيابي لاءِ سندس والد پاران بک هڙتال ڪئي وئي…

ست سال پهرين مهراڻ يونيورسٽي جي گم ٿيل شاگرد موهن ميگهواڙ جو هن وقت تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ،  بک هڙتال تي ويٺل سندس پوڙھي والد جلال ميڳهواڙ کي بک هڙتال ڪندي به چار سال گذري ويا پر سندس نوجوان پٽ موهن نه موٽيو. آهي..

پريس ڪلب اڳيان ويٺل جلال ميڳهواڙ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ جو ڪٿان به ڏس پتو ناهي مليو،  هو پاڻ  بيمار آهي ،غريب هجڻ ڪري گهر ۾ فاقاڪشي جو شڪار آهيون، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرايو وڃي…

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.