گهوٽڪي لڳ نينگر گم، وارث پريشان

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ وسطي عنايت شاهه جو نينگر مبينه طور گم پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، خبر  موجب وسطي عنايت شاه جي رهواسي محمد صادق ڀٽو ميڊيا  آفيس پهچي ٻڌايو ته سندس 15 سالن جو پٽ حسن رضا ڀٽو گذريل منجهند ڌاري صوفي بزرگ سيد انور علي شاهه بخاري جو  ميلو گهمڻ لاءِ جهانپور طرف ويو جيڪو هن وقت تائين واپس ناهي وريو سندس ڪافي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، هن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي ،    واضح رهي ته ميلي جي موقعي دوران چار ڄڻا اڳ به اغوا ٿي چڪا آهن جن جي بازيابي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.  ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سرحد بحردين ڪيريو ٻڌايو ته نينگر جي گم ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن پر اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته نينگر ميلي مان اغوا ٿيو آهي  هن وڌيڪ چيو ته سرحد ٿاڻي جي حد ۾ اهو واقعو پيش ناهي آيو تنهن هوندي به هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.