ٻه نمبر ٻِج، ذميوران خلاف ڪير ڪارروائي ڪندو؟

اعجاز احمد ڀيو 

زراعت ڪنهن به ملڪ لاءِ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي. ان شعبي جي بهتري يا وري جديديت تي جيتري انويسٽمينٽ ڪجي اوتري گهٽ آھي ڇاڪاڻ ته زراعت واري شعبي ذريعي نه صرف ملڪي کاڌ خوراڪ جون گُهرجون پوريون ڪري سگهجن ٿيون پر ان کي ايڪسپورٽ ڪَري پڻ پرڏيهي ناڻو ڪمائي ملڪي جي ڊي پي پڻ وڌائي سگهجي ٿي. زراعت واري شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آھي ته اسان آبادگارن کي جوڳيون سهولتون، جهڙوڪر سٺو ۽ سستو نج ٻج، زرعي دوائون ۽ فصل جا مناسب اگهھ ڏيون ڇو ته آبادگارن جي هجڻ سان نه صرف اسان جو جياپو جڙيل آھي پر آبادگارن جي آسودگي ئي ملڪ جي آسودگي ۽ زراعت واري شعبي جي ترقي آھي.

بدقسمتيءَ سان اسان وٽ نه ڪا زراعت واري شعبي لاءِ بهتري ۽ نه ئي وري آبادگارن جي بحاليءَ لاءِ ڪا حڪومتي پاليسي آھي جنهن سبب زراعت وارو شعبو ۽ ان سان سلهاڙيل آبادگار طبقو پڻ ڪافي عرصي کان وٺي حڪومتي بي ڌيانيءَ جي ور چڙھيل آھي. اسان وٽ زراعت وارو کاتو به آھي ته وزير، مُشير ۽ گهر ويٺي چڱيون پگهارون کڻندڙ ملازم ۽ ماهر زراعت به آھن پر اڃاتائين زراعت واري شعبي ۽ آبادگارن جي اپگريشن لاءِ اسان ڪا اهڙي زراعت دوست يا وري آبادگار دوست پاليسي ناهيون آڻي سگهيا جنهن کي بنياد بڻائي اسان چئي سگهون ته اسان زراعت واري شعبي ياوري تنهن سان گڏوگڏ آبادگار هاري طبقي کي اپگريڊ ڪري سگهيا آھيون.

ڏٺو وڃي ته زرعي خطو هجڻ به ڪنهن ملڪ لاءِ خوشقسمتيءَ کان گهٽ ڪو نه هوندو آھي ڇو ته جيڪي قدرتي طور تي زرعي ملڪ ناهن اتي نه صرف کاڌي پيتي وارين شين جا اَگھه آسمان سان ڳالهايون ڪن ٿا پر اُھي مُلڪ اُسريل ملڪن واري لسٽ ۾ شامل هجڻ باوجود به کاڌ خوراڪ واري معاملي اسان جهڙي زرعي ملڪن جا محتاج آھن. پر اسان وٽ حڪومتي بي ڌياني ۽ وقت سر فيصلن جي اَڻ ھوند سبب زرعي ملڪ هوندي به اسان کاڌ خوراڪ جي معاملن ۾ پاڻَ بحرانن جو شڪار آھيون. ڪَڏھن کنڊ جو بحران آھي ته وري ڪڏھن جاگيردارن جي هڪ هٽيءِ سب ڪڻڪ جو بحران آھي ۽ تازو وري چانورن جو بحران به ايندڙ مهينن ۾ اچڻ وارو آھي.

اسان وٽ چانورن جي فصل ذريعي نه صرف پنهنجون گهرجون پوريون ڪيون وينديون آھن پر هن ڪيش ڪراپ کي ايڪسپورٽ ڪري پڻ پرڏيهي ناڻو ڪمايو ويندو آھي ۽ ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ چانورن جو فصل (ساريالو فصل) اُپائڻ تمام گهڻو ڏکيو هجي ٿو جنهن ۾ آباگار هاري پنهنجو پگهر نه پر رت وهائن ٿا. هِن سال اهڙي قيمتي ۽ پرڏيهي ڪاروبار لاءِ سٺي ساک پت رکندڙ چانورن جي فصل سان حشر ڪجهھ ائين ٿيو آھي جو هن سال ڪوروناوائرس کي سبب ڄاڻائي چانورن جو پيڪ ٿيل ٻج چائنا مان گهرائڻ بدران اسان وٽ ساڳئي مونوگرام ،ٿيلهي ۽ نئين سال جي ڊيٽ سان ملڪي ليبارٽرن پاران ٻه نمبر نقلي ٻج تيار ڪري سموري ملڪ ۾ سپلاءِ ڪيو ويو جنهن بعد هاڻي چانورن جي فصل جي لاباري وقت نتيجو اهو نڪتو آھي ته چانورن جي فصل ۾ هر طرف اَن بدران پاپڙ نظر اچي رهيو آھي. آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آھن، ڇو ته ڪڻڪ جو فصل ماڪڙ چٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ هيل وري چانورن جو فصل به ٻه نمبر ٻج واري ماڪڙ چٽ ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب کين لکين رپين جو نقصان رسيو آھي.

ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته حڪومت ان معاملي تي نه صرف نوٽيس وٺي پر ان معاملي بابت هڪ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ته اِھو ٻه نمبر ٻج ڪهڙي ليبارٽري پاران تيار ڪيو ويو؟ ڪٿي تيار ڪيو ويو؟ انهن تيار ڪندڙ ليبارٽيز کي لائيسنس ڪنهن جاري ڪيا؟ يا وري بغير لائيسنس جي اهڙو غير قانوني ڪم ڇو ڪيو جنهن جو نتيجو آبادگارن جي لکين رپين جي نقصان سان گڏوگڏ ملڪ کي ”چانورن جو بحران“ ۾ اڳتي هلي ڀوڳڻو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.