بلاول ڀٽي ٻوڏ متاثرن کي ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو؛ راشد محمود

جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي صدر جي علاما راشد محمود سومرو چيو آهي ته بلاول ڀٽي ٻوڏ متاثرن کي ٺلهن آسرن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن کپري ۾ ٻوڏ متاثري علائقن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ جلسي کي  خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته بلاول ڀٽي کي 2007 کان 2020 تائين سانگھڙ کپرو ياد ڇو نـ آيو، بلاول ٻوڏ متاثرن کي ٺلهن آسرنن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو.

جميعت علماءِ اسلام  جي اڳواڻ چيو ته سنڌ کي هن وقت لساني ۽ مذهبي بنيادن تي ويڙهائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي سنڌ ڏي جيڪو بـ ميري اک کڻندو ان جي اک ڪڍي ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.