درگاهه جهانپور شريف جي ميلي تان 4 ڄڻا مبينا اغوا ٿي ويا

گهوٽڪي (ڊ ر)گهوٽڪي ڀرسان سرحد ٿاڻي جي حد مان جهانپور شريف جي ميلي تان واپس ايندڙ چار ڄڻا اغوا  ٿي ويا، مبينا طور اغوا ٿيندڙن ۾ صاحب ميراڻي، قربان علي ميراڻي، بھادر علي ۽ستن سالن جو نينگر مقداد علي ميراڻي شامل آهن ، صوفي بزرگ انور علي شاھ جي ميلي  تي رات جو  گھمڻ ويا ھئا جيڪي ھن مھل تائين واپس نه آيا ۽ موبائل به  بند آھن  وارثن اهڙو شڪ  ظاهر ڪيو آھي ته اسان جا  ماڻھون اغوا ٿيا آھن، جيوڻ ميراڻي مغوي جي وارثن پاران سرحد ٿاڻي  تي مبينا اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي آهي  ، سرحد پوليس جو چوڻ آهي ته ته معاملي جاچ ڪيون پيا.

نابالغ هندو ناري کي اغوا ڪري مذهب مٽائڻ جي مذمت ڪيون ٿا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو هندو پنچائت جي چيئرمين ڊاڪٽر ڌرم پال، وائيس چيئرمين ڊاڪٽر سڌام چند، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر  ولي رام، پريس سيڪريٽري هريش لال، ڊاڪٽر جئي ڪمار، نانڪ رام ۽ اجيت ڪمار پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڳاڙهي موري ۾ نابالغ هندو ناري کي زبردستي اغوا ڪرڻ بعد مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا سنڌ ۾ اهڙن واقعن ۾ واڌ سبب پوري سنڌ جي هندو برادري ۾ سخت تاءُ پکيڙيل آهي جنهن لاءِ سخت قانونسازي جي ضرورت آهي پر حڪومتي سطح تي موثر قانونسازي نه ٿيڻ جي ڪري اهڙي قسم جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. هنن چيو ته اسين ڪراچي ۾ پنجن سالن جي نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي تشدد ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا اهڙي قسم جا واقعا اسان جي معاشري جي لاءِ ناسور بڻيل آهن اهڙن واقعن ۾ ملوث وحشت صفت جوابدارن کي وائکو ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي. هنن چيو ته تازو بخشاپور ۾ هندو دڪاندار کي مذهب جي آڙ ۾ ڪجهه شرپسندن طرفان ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن واقعي کان پوءِ پوري سنڌ جي هندو برادري ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. هنن چيو ته اسين هندو برادري پاڪستان ۽ سنڌ جي ترقي، خوشحالي توڙي معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ رڌل آهيون جيڪا ڳالهه ڪجهه شرپسند کان هضم نه پئي ٿئي جيڪي اهڙي قسم جون حرڪتون ڪري رهيا آهن.اسين آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته اهڙن شرپسندن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 ٽنڊو مير علي ۾ اغوا ڌمڪين خلاف پورهيت جو احتجاج

ٽنڊو مير علي ( ن ع آ ) ٽنڊو مير علي ڳوٺ مبارڪ ويسرجي رهواسي ماجد شيخ پنهنجي  پيءُ  ماءُ  چاچي ۽ ڀيڻ سميت احتجاج ڪندي چيو 2 سال اڳ منهنجي گهر واري منهنجي گهر مان نڪري ڪورٽ۾ نالي اربيلي شيخ سان ڀڄي وڃي شادي ڪئي هئي جيڪا هاڻي مون ۽ منهنجي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري  اسان کي ڏوهارين ماڻهون کان جاني۽مالي ڌمڪيون ڏياري رهي آهي هن وڌيڪ چيوت اربيلو شيخ ۽ان جا ڀائر ۽ ٻين مان مون کي خطروآهي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

خانپور ڀرسان اغوا ٿيل واپاري آزاد نه ٿيو، وارثن کان 15 لک ڀنگ طلب

خانپور (رپورٽ: عاصم دايو) سکر ۾ چوپائي مال جو واپار ڪندڙ جتوئي برادري جي ٻن ڀائرن غلام شبير جتوئي ۽ عبدالشڪور جتوئي کي چوپائي مال جي واپار جي لاء غوثپور جي ڪچي ۾ جاڳيراڻي برادريءَ جي ماڻھن گھرايو ھو جن کي اغوا ڪيو ويو آهي جنھن بعد ھڪ ڄڻي غلام شبير جتوئي کي بيمار ۽ پيرسن  ھجڻ  سبب ڇڏيو ويو هو جڏھن ته ھڪ ڄڻو عبدالشڪور جتوئي ھڪ مھيني کان ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهي، مغوي جي وارثن  غلام سرو شير محمد ، امداد الله جتوئي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھنيدي الزام هڻندي چيو ته مھينو اڳ عبدالشڪور جتوئي کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا،  سکر پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو جن مان ٻن ڄڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي،  هنن چيو ته ڌاڙيلن فون ڪري مغوي جي آزادي لاءِ 15 لک گهريا آهن، غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻينداسين، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوي کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو….

نوابشاهه ۾ 14 ڏينهن کان عورت گم، اغوا جو شڪ، احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر ) نوابشاهه جي علائقي محمدي ٽائون جي رھواسي علي نواز خاصخيلي پنھنجي چاچي نياز حسين، غلام حسين ۽ مسمات زيب النساءِ سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي ماءُ مسمات سڪينه خاصخيلي 14 ڏينھن اڳ مائٽن ڏانهن وڃڻ جو چئي گھران نڪري وئي آھي، جيڪا اڃان تائين واپس نه اچي سگهي آهي، ھن چيو ته اسان مائٽن وٽ به ڳولا ڪئي آهي، ليڪن اڃان ڪوبه ڏس پتو نٿو ملي، ھن چيو ته اسان تمام گھڻا پريشان آھيون، حد جي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ليڪن پوليس به اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي اسان کي شڪ آھي ته منھنجي ماءُ کي اغوا ڪيو ويو آھي، ھن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي ماءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

غوثپور لڳ  پوليس پيرسن کي اغوا کان بچائي ورتو

غوثپور (ن ع  آ) غوثپور ڪشمور ڪنڌڪوٽ  پوليس ڪارروائي ڪندي   پيرپاڳارو جي لاهور واري گهر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو،  پوليس کي اطلاع ملڻ تي ملازم خدابخش جونو سان رابطو ڪري کيس بچائي ورتو، اطلاع موجب پيرسن کي ڪچي ۾  گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته  پوليس کيس بچائي ورتو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.