واقعومعاشري ۽ پوري رياست جِي بَي حرمتي جو سانحو آهي: نواز شريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب لاهور جي ڀرسان گينگ ريپ جو شڪار ٿيل عورت بابت ريمارڪس  تي لاهور ڪيپٽل سٽي پوليس افسر (سي سي پي او) عمر شيخ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته سي سي پي او ان ڳالهه جي حيران ناهي ته هڪ عورت دانهيندي رهي پر ان کي تحفظ ڏيڻ وارو ڪير به اُتي پهچي نه سگهيو پر هو ان ڳالهه تي حيران آهي ته پاڪستان ۾ رات جو هڪ عورت ٻارن سان گڏ گاڏي ۾ پيٽرول چيڪ ڪرڻ کان سواءِ جي ٽي تي وڃڻ بدران موٽر وي تي ڇو چڙهي. سي سي پي او لاهور جو بيان انهن ڏوهارين جو ساٿ ڏئي رهيو آهي ۽ جاچ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. سڄي رياست، حڪومت، وزير اعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير خاموش آهي. مسلم ليگ ن جي ترجمان جو چوڻ هو ته ان جي باوجود وفاقي وزير سي سي پي او جي بيان جو دفاع ڪري رهيا آهن سي سي پي او جو بيان آهي ته منهنجي بيان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو، منهنجو مطلب اِهو هو ته عورت جي واقفيت فرانس ڪئي هئي، جيئن ته هن جو مڙس فرانس ۾ آهي ۽ هوءَ فرانس سمجهي اسلاميه جمهوريته پاڪستان ۾ رات جو پنهنجي ٻارن سان گڏ نڪتي ڇو ته فرانس ۾ قانون جي بالادستي آهي، اخلاقي قدر آهن، قانون جي حڪمراني آهي ۽ تحفظ ڏنو ويندو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور موٽر واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبوڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور موٽر وي تي عورت سان اجتماعي زيادتي واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته هِي واقعو اصل ۾ معاشري ۽ پوري رياست جِي بَي حرمتي جو سانحو آهي. هن چيو ته لاهور موٽر وي واقعي تي پوري انسانيت شرمنده ٿي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.