سنڌ ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي فيصلو ٿي ويو، تاريخن جو اعلان

اسلام آباد+ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ پنجاب صوبي ڪورونا وائرس جي سبب بند تعليمي ادارن کي 15 سيپٽمبر کان مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ ان سلسلي ۾ شيڊول به جاري ڪيو ويو.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ سمورا تعليمي ادارا 15 کان 30 سيپٽمبر جي دوران کوليا ويندا.

سعيد غني تعليمي ادارن جي مرحليوار کلڻ بابت تفصيل ٻڌائي ۽ چيو ته پهرين مرحلي ۾ 15 سيپٽمبر کان نئين کان سمورن مٿي واريون ڪلاسون يونيورسٽين سميت کوليون وينديون.

تعليم واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين درجي تائين جڏهن ته 30 سيپٽمبر کان پري پرائمري ۽ پرائمري ڪلاسز جي لاءِ اسڪول کوليا ويندا.

پر هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن اسڪول يا علائقي ۾ ڪووڊ-19 جي ڪيسن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته ان اسڪول يا لاڳاپيل علائقي کي بند ڪري سگهجي ٿو.

سعيد غني موجب اسڪول ۾ ماسڪ جو استعمال مڪمل طور تي لازمي هوندو، پر ماسڪ لازمي ناهي رڳو سرجيڪل هجي پر گهر ۾ ڪپڙي جو ماسڪ به استعمال قابل هوندو.

 هن چيو ته سمورين اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجر (ايس او پيز) تي مڪمل عمل پيرا ٿيڻو پوندو، ائين نه ڪندڙ ادارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجي بيان ۾ سندس چوڻ هو ته وفاقي سطح تي بڻايل تعليمي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته تعليمي ادارا 12، 22 ۽ 30 سيپٽمبر کان مرحليوار کوليا ويندا پر هر تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ ٻيهر جائزو به ورتو ويندو.

گڏوگڏ ئي سنڌ جي تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو صوبو پنهنجي سهولتن جي تحت ڪنهن هڪ يا ڪجهه اسڪولن کي ايس او پيز جي تياري نه ٿيڻ تي ڪجهه ڏينهن جي بندش جي مهلت ڏئي سگهي ٿو.

پنجاب جو تعليم وارو صوبائي وزير:

ان کان اڳ پنجاب حڪومت 15 سيپٽمبر کان سڄي صوبي ۾ سمورا سرڪاري ۽ خانگي اسڪول کولڻ جو اعلان ڪيو هو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنجاب جي تعليم واري وزير  مراد راس پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته پنجاب جا سمورا خانگي ۽ سرڪاري ادارا ان شيڊول جي موجب کلندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.