ڪي اليڪٽرڪ خلاف دانهن تي نيب حرڪت ۾، جاچ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڪي اليڪٽرڪ خلاف عوامي شڪايتن ۽ ميڊيا رپورٽن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

نيب چيئرمين ڪي اليڪٽرڪ خلاف اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ، اربين رپين جي اوور بلنگ ۽ حڪومت سان ڪيل معاهدي جي مڪمل پاسداري نه ڪرڻ جي الزامن ۾ نيب ڪراچي کي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.

نيب موجب حڪومت سان معاهدي تحت ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جو نظام جديد طريقي سان هلائيندي گهربل سيڙپڪاري ڪرڻي هئي، جنهن تي عمل ۾ اها ناڪام آهي.

جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب ڪراچي کي ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي جي ڪاپي، لاڳاپيل دستاويز ۽ سيڙپڪاري جي تفصيل حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جاويد اقبال موجب نيب هڪ قومي ادارو آهي، جيڪو قانون موجب پنهنجا فرض نڀائڻ تي يقين رکي ٿو، ڪي اليڪٽرڪ کي عوام کان اوور بلنگ جي مد ۾ مبينا طور اربين رپين جي رقم ڦٻائڻ ۽ اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ توڙي معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

قومي احتساب بيورو چيئرمين نيب ڪراچي کي اليڪٽرڪ خلاف ٽن مهينن ۾ انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن عوام کي مبينا طور لٽيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.