فرانس جي وزير اعظم ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانسيسي وزير اعظم ايڊورڊ فلپ ۽ هن جي ڪابينا جي ميمبرن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جنهن کي صدر ايمانوئيل ميڪرون منظور ڪري ورتو.

فرانس جي صدارتي محل ايلس پيلس طرفان جاري مختصر بيان ۾ استعيفيٰ جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو ويو پر ڪابينا ۾ ڦيرڦار جا امڪان موجود هئا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب صدارتي بيان ۾ چيو ويو ته جيستائين نئين حڪومت جي مقرري نه ٿيندي ايڊورڊ فلپ حڪومتي معاملا انجام ڏيندو رهندو.

فرانسيسي حڪومتي ڦيرڦار جي نتيجي ۾ وزير اعظم ڪابينا ۾ تبديلي کي نظر ۾ رکندي استعيفيٰ ڏئي ته ڇڏي آهي پر هن کي ٻيهر ان عهدي تي مقرر به ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.