ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان روڊ حادثو،3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

عوامي آواز رپورٽ
ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان روڊ حادثو،3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل
عوامي آواز رپورٽ ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان روڊ حادثو،3 ڄڻا زخمي، اسپتال داخل

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان انصاري شگر ملز حيدرآباد_بدين روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جر نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار رياض خاصخيلي،طاهر ٿيٻو ۽ سيوجي ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا،  اطلاع تي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان زخمين ۾ رياض خاصخيلي ۽ طاهر ٿيٻو کي ڊاڪٽرن پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال اماڻي ڇڏيو جڏھن ته واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.