بنگلاديش ۾ ٻيڙيون ٽڪرجي پيون، 23 ڄڻا ٻڏي فوت

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ هڪ مسافر ٻيڙي ٻي ٻيڙيءَ سان ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.

اختيارين موجب اهو حادثو تخت گاهه ڍاڪا ڀرسان بوڙهي بنگا درگاهه ۾ فراز گنج جي علائقي ۾ پيش آيو.

بنگلاديشي ميڊيا ٻيڙيءَ جي هڪ مسافر جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ان تي 100 جي لڳ ڀڳ مسافر سوار هئا.

بنگلاديش جي واٽر ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي سربراهه ڪموڊور غلام صادق موجب 10 کان 15 مسافر تَري ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته ٻيا گم هئا.

مقامي فائر بريگيڊ جي هڪ اهلڪار جو چوڻ هو ته هيل تائين 23 لاشن کي درياهه مان ڪڍيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.