سڪرنڊ ۾ سماجي تنظيم طرفان ماڪس ورهايا ويا

سڪرنڊ (ت ر)  الخدمت فائونڊيشن سڪرنڊ پاران ڪرونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاءِ شھر جي مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي غريب مسڪين ماڻھن ايندڙ ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن ريڙھي وارن ۽ مزدورن ۾ مفت ماسڪ ورهايا ويا ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن جي اڳواڻ ڪنور راشد مڪرم ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي موذي مرض کان بچڻ لاء اسان کي وڌ کان وڌ احتياط جي ضرورت آھي ۽ ان سلسلي ۾ ھيلٿ کاتي پاران جاري ڪيل هدايتن ۽ حڪومت پاران ٻڌايل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، الخدمت فائونڊيشن ڪرونا وائرس جي شروعاتي ڏينهن کان پنهنجي ذميوارين کي نڀائيندي پئي اچي جنهن ۾ بي روزگار ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي وارن کي راشن عيد جي موقعي تي انهن جي لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ ڊاڪٽرن سميت پيرا ميڊيڪل عملي ۾ حفاظتي ڪٽون ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ڏنا ويا. ان موقعي تي عاشق پٺاڻ، توصيف رحماني، عبدالاحد، عرفان چانڊيو، عبالرحمان راول ۽ ٻين ڪرونا وائرس بابت شھرين کي آگاهي ڏيندي گڏيل طور ماسڪ ورهايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.