ملڪ ۾ سون جي في تولي مُلهه ۾ 2300 رپيا گهٽتائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) في تولو سون 2300 رپيا گهٽجي 1 لک 2 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي.

تفصيل موجب عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 15 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي ۽ في اونس سون 1762 ڊالرن جو ٿي ويو، ٻئي پاسي خميس جي ڏينهن سونارا مارڪيٽن ۾ به سون جي في تولي ۽ 10 گرام قيمت ۾ ترتيب وار 2300 رپيا ۽ 1972 رپيا گهٽتائي ٿي.

قيمتن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان فيصل آباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولو سون گهٽجي 1 لک 2 هزار 800 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت گهٽتائي کان پوءِ 88 هزار 134 رپيا ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.