پي ٽي وي ارطغرل غازي جي مدد سان عالمي رڪارڊ بڻائڻ جي خواهشمند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترڪ ڊامو ديريليش ارطغرل جنهن کي پاڪستان ۾ ارطغرل غازي جي نالي سان نشر ڪيو پيو وڃي، جنهن رڳو  وچ اوڀر ۾ نه پر ڏکڻ ايشيا ۾ به ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري ورتو آهي ۽ لکين ماڻهو لاڪ ڊائون دواران ان جي سيزن ڏسي وقت گذاري رهيا آهن.

وزيراعظم عمران خان ڪجهه مهينا اڳ ان کي نشر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ پهرين رمضان کان پاڪستان ٽيلي ويزن (پي  ٽي وي) تي ان کي نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

جڏهن ان جي پهرين قسط نشر ٿي ته پي ٽي وي جي يوٽيوب چينل کي هڪ ئي ڏينهن ۾ 40 هزار نون واهپيدارن سبسڪرائيب ڪيو.

اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جو قومي چينل ان ڊرامي جي مدد سان يوٽيوب تي هڪ عالمي رڪارڊ ٽوڙڻ چاهي ٿو.

پي ٽي وي ورلڊ طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ لکيو ويو ته اچو ته هڪ مهيني ۾ يوٽيوب تي نون سبسڪرائيبرز جو عالمي رڪارڊ ٿا ٺاهيون، هن وقت جو رڪارڊ 66 لک جو آهي ۽ ارطغرل غازي چينل ان کي اوهان جي محبت سان ٽوڙي سگھي ٿو، اسان وٽ تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن باقي آهن.

ان ٽوئيٽ کان پوءِ يوٽيوب چينل تي هزارين سبسڪرائيبرز جي واڌ ٿي گڏيل انگ 10 لک کان وڏي ويو جنهن جو اعلان هڪ ٻئي ٽوئيٽ ذريعي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.