ڪورونا سبب 6 ڄڻا فوت ٿيڻ سان انگ 34 ، سنڌ ۾ اڄ 3 ڪلاڪ مڪمل لاڪ ڊائون

ڪراچي/ اسلام آباد( رپورٽر/ م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد انگ 34 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 2401 کان وڌي ويو آهي. سنڌ ۾ وڌيڪ  ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد انگ 763 ٿي ويو آهي. سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 11 ٿي ويوآهي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ 86 ورهين جو شخص فوت ٿي ويو آهي جنهن کي سماجي رابطن سبب ڪورونا وائرس لڳو  جڏهن ته  ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ 65 ورهين جي مريض کي 28 مارچ تي ڪورونا وائرس سبب حيدرآباد جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڏنو، فوتي جو تعلق تبليغي جماعت سان هو. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ 416 ماڻهن کي سماجي رابطن سبب ڪورونا وئرس ٿيو، هن وقت تائين 7 هزار 504 ماڻهن کي ڪورونا جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، لاڙڪاڻي جي قرنطينه سينٽر ۾ 7 ماڻهن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، شهيد بينظير اباد ۾ 6 تبليغين ۾ ڪورونا هجڻ جي تصديق ٿي، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ هڪ هڪ شخص کي وائرس ٿيو، هن ٻڌايو ته سکر جي قرنطينه سينٽر ۾ 250 متاثر علاج هيٺ آهن، جڏهن ته سکر مان وڌيڪ 23 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. پنجاب ۾ وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 922 ٿي ويو، لاهور ۾ 199، گجرات ۾ 90، جهلم ۾ 28، راولپنڊي ۾ 53، ننڪانه صاحب ۾ 13، گجرانوالا ۾ 14، فيصل آباد ۾ 9، سرگوڌا ۾ 10، حافظ آباد ۽ ڊيرا غازي خان ۾مقامي 5-5، منڊي بهاءُ الدين ۾ 4، رحيم يار خان، ميانوالي ۽ هڪ بهاولنگر ۾ 3-3، نارووال، وِهاڙي، لوڌران ۽ ملتان ۾ 2-2، اٽڪ، خوشاب، سيالڪوٽ، بهاولپور، قصور ۽ ليه ۾ هڪ هڪ ڪيس آهي، ملتان ۾ 91 زائرين ۽ ڊيرا غازي خان ۾ 213 زائرين کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رائيونڊ قرنطينه ۾ 142 ۽ فيصل آباد قرنطينه ۾ 5 تبليغين کي وائرس جي تصديق ٿي آهي. خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي اندر ڪيسن جو مجموعي انگ 311 ٿي ويو ، ڪالهه صوبي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. بلوچستان ۾ وڌيڪ 5 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، صوبي ۾ ڪيسن جو انگ 169 ٿي ويو. گلگت بلتستان ۾ 3 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، مجموعي ڪيسن جو انگ 187 ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ گذريل ڏينهن 3 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد انگ مجموعي انگ 9 ٿي چڪو آهي. گادي واري شهر اسلام آباد ۾  وڌيڪ چئن ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جتي هاڻي ڪيسن جو انگ 62 ٿي ويو.

ڪراچي/ حيدرآباد(رپورٽرز) سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس سبب صوبي اندر لاڳو لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل تائين واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اڄ 12 وڳي کان 3 وڳي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ جمعي جي نماز به صرف 3 کان پنج ماڻهو پڙهي سگهندا. نوٽيفڪيشن موجب جمعي جي ڏينهن 12 وڳي کان ٽين وڳي تائين هر قسم جي ڪاروباري سرگرمي بند رهندي. مسجد ۾ صرف 3 کان 5 ماڻهو نماز پڙهي سگهندا. جنازي نماز کان سواءِ هر قسم جي ٽرانسپورٽ تي مڪمل بندش هوندي.  هوڏانهن حيدرآباد ۾ تبليعي جماعت جو پهريون ڪورونا جو مريض سول اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو، هڪ آزاد ڪشمير واسي مريض جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، انتظاميا ٽراما سينٽر مان فرار ٿي ويل قاسم آباد واسي زيارتي کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي آئيسوليشن وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو. تبليغي جماعت سان واسطو رکندڙ ٽنڊو محمد خان جو رهواسي پهريون ڪورونا وائرس جو مريض ڪالهه سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش انتظاميا جي نگراني ۽ چند وارثن جي موجودگي ۾ دفنائن لاءِ ٽنڊو محمد خان نيو ويو، جڏهن ته سول اسپتال جي ڪورونا آئيسوليشن وارڊ ۾ داخل ٿيل هڪ ٻئي اآزاد ڪشمير جي رهواسي مريض جي پڻ حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد وڌي 137 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن حيدرآباد جي صحت کاتي جي ذريعن موجب مريضن جو انگ 145 تائين پهچي ويو آهي.03

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.