عراق ۾ ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ چين ليبارٽري تيار ڪري ورتي

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين عراق ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ۽ جانچ جي صلاحيت ۾ واڌ جي لاءِ جديد ليبارٽري تيار ڪئي آهي.

عراق ۾ هن وقت تائين وارئس جا 458 مريض سامهون آيا آهن جنهن مان 50 جي فوتگي جي به تصديق ڪئي وئي آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته عراق ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ سان اڳتي آهي پر ٽيسٽ جي صلاحيت نه هئڻ جي ڪري اُتي ڪيسن سامهون اچي رهيا آهن.

چيني ميڊيا موجب عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ بڻايل ان ليبارٽري مان ڪورونا وائرس جي شڪي مريضن جي سڃاڻپ ۽ جانچ جو عمل بهترين ٿي ويندو.

 رپورٽ موجب ان ليبارٽري ۾ روزاني 1000 ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن جڏهن ته چيني ريڊ ڪراس جا ماهر لڳ ڀڳ 100 ميڊيڪل ورڪرز کي تربيت به فراهم ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.