سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ پوئتي ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو: بسما معروف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف اعتراف ڪيو آهي ته پي سي بي سينٽرل ڪنٽريڪٽ ۾ ‘‘اي’’ ڪيٽيگري مان  ‘‘بي’’ ڪيٽيگري ۾  وڃڻ تي کيس ڏک ضرور ٿيو پر ان سان مونکي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو به چيلينج ڏنو جيڪو مون مثبت انداز ۾ ورتو.

وومين ٽي ٽوئنٽي ٽرائينگيولر ٽورنامينٽ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي بسمه معروف چيو ته گذريل سال جڏهن کيس سينٽرل ڪنٽريڪٽ جي اي ڪيٽيگري مان بي ڪيٽيگري ۾ وڌو ويو ته کيس وڏي تڪليف پهتي پر ان باوجود به مان بهتر ڪرڻ جو چيلينج ورتو.

هڪ سوال جي جواب ۾ بسمه معروف چيو ته ڊوميسٽڪ هجي يا انٽرنيشنل، سندس ڪوشش هوندي آهي ته هو ٽيم جي ضرورت مطابق کيڏي، ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آهيان.

هن چيو ته ندا ڊار ويجهڙائي ۾ ئي آسٽريليا ۾ کيڏي آئي ۽ ان ڪري سندس هجڻ سان ٽيم کي فائدو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.