نواز شريف جو پٽ پاڪستاني عدالتن جا در کڙڪائيندو…! اهم ڳالهه ٻولهه

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته تازي علاج جون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، نواز شريف جي ضمانت مدي ۾ واڌ گهرنداسين.

تفصيل موجب اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته نواز شريف جو اسٽرائيڊز جي ذريعي علاج جاري آهي، پليٽيليٽس ڪِرڻ جو سبب هن وقت خبر ناهي پئجي سگهيو، پيءُ جي ضمانت مدي ۾ واڌ گهرنداسين.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف جي طبعيت نه سڌري، آمريڪا ۾ علاج ڪرائڻ گهرجي: حسين نواز

حسين نواز چيو ته ڪيروٽڊ آرٽري جو علاج آمريڪا ۾ ممڪن آهي پر آمريڪا جو وڃڻ في الحال ڪو به پروگرام ناهي.

هن چيو ته نواز شريف جي بيماري کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، صحتيابي جي مدي جي مقرري ڏکي اهي اڃان تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

ٻئي پاسي نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پليٽيليٽس جو مسئلو بي قابو آهي، هن کي دل، شگر ۽ شريانين جي بيماري آهي.

تازا ترين خبرن کان هر وقت باخبر رهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري عوامي آواز جو واٽس ايپ گروپ جوائن ڪيو

https://chat.whatsapp.com/0pZqrS21Tj4CLvEOQcerBA

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.