پاڪ فوج دفاع ۽ ملڪي سلامتي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: آرمي چيف

بهاولپور(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج جي جوانن کان جرنيلن تائين سڀ ڀرپور تربيت يافته آهن ۽ ڪنهن به چيلينج جو مقابلو ڪرڻ هر وقت تيار آهن.

پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه بهاولپور جي ڀرسان اسٽرائيڪ ڪور جو دورو ڪيو، سپهه سالار ايئر فورس ۽ رائل سعودي فورس جي گڏيل سرمائي تربيتي مشقون ڏٺيون، مشق ۾ پاڪ هوائي فوج جي ويڙهاڪ جهاز ۽ رائل سعودي لينڊز فورس جي دستي به حصو ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه زميني ۽ هوائي فوج جي بهترين پيشيوراڻين صلاحيتن جي مظاهري تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته جنگ ۾ پاڪ فوج جي اسٽرائيڪ ڪو رجو ڪردار اهم ۽ فيصلو ڪندڙ هوندو آهي،  مشق سان اسٽرائيڪ ڪور جي بي پناهه صلاحيتن آزمائڻ جو موقعو مليو ۽ اِهي مشقون جنگي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ مدد ڏيندي آهي.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته سپاهي کان وٺي جنرل تائين پاڪ فوج حربي صلاحيتن سان ليس بهترين تربيت يافته فورس آهي، پاڪ فوج دفاع ۽ ملڪي سلامتي جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هٿياربند فوج پاڪستان کي پيش ڪنهن به چيلينج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.