هيءَ خبر پڙهڻ کانپوءِ توهان ڪڏهن به ڪيلي جي کَل نه اڇلائيندئو!

 

اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪيلو غذائيت سان ڀرپور ميوو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو نه رڳو کائڻ ۾ مزيدار هوندو آهي پر ڪيلي ۾ پروٽين، فائبر، وٽامن بي 6 ۽ پوٽاشيئم به وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن.

اڄ اسان ڪيلي جي فائدن بابت ناهيون ڳالهائي رهيا، اسان اوهان کي ڪيلي جي کل جي فائدن بابت ٻڌائينداسين، جيڪا عام طور تي بنا ڪنهن استعمال جي اڇلائي ويندي آهي.

ماهرن موجب ڪيلي جي کل وارن، جلد، ڏندن جي خوبصورتي کي وڌائڻ کان سواءِ صحت لاءِ به گھڻي فائديمند سمجهي ويندي آهي.

ڪيلي جي کل ۾ گھڻا فائدا آهن، جن کي ڄاڻڻ کانپوءِ اوهان ان کي اڇالڻ ڪڏهن به پسند نه ڪندئو.

خارش يا ايلرجي

ڪيلي جي کل مڇر يا ڪنهن شئي جي چڪ پائڻ کان پوءِ خارش ۽ ساڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ گھڻي فائديمند سمجهي ويندي آهي، جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن جيت چڪ پاتو آهي ته فوري طور تي متاثر جاءِ تي کل رهڙيو، ان سان اوهان کي جلد آرام ملي ويندو.

چمڪندڙ ڏند

ڪيلي

ڏندن کي چمڪندڙ ۽ اڇو بڻائڻ لاءِ ماڻهو ڪيترائي پيسا زيان ڪري ٽريٽمينٽ ڪرائيندا آهن، ڪيلي جي کل ۾ پوٽاشيئم جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اها ڏندن کي چمڪندڙ بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي، روزانو ڪيلي جي کل کي ڏندن تي رهڙڻ سان ٻن هفتن ۾ ئي اوهان کي حيران ڪندڙ نتيجا حاصل ٿيندا.

بهترين جلد

ڪيلي

ڪيلي جي کل ۾ اينٽي آڪسيڊينٽ موجود هوندا آهن جيڪي جلد لاءِ گھڻا فائديمند آهن، جيڪڏهن اوهان پنهنجي چهري جا گھنج گھٽائڻ چاهيو ٿا ته ڪيلي جي کل کڻو ۽ ان کي ان جاءِ تي رهڙيو، جتي گھنج وڌيڪ هجن، ڪجهه دير تائين ان سان مساج ڪيو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان چهري جا گھنج ڪافي حد تائين گھٽجي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.