ناسا “جيمز ويب” نالي انقلابي خلائي دوربيني تيار ڪري ورتي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ)ناسا هڪ اهڙي حساس ۽ جديد خلائي دوربين ٺاهي آهي جيڪا ڏهه لک ڪلو ميٽر پري موجود هڪ ننڍي جيت کي به سولائي سان سڃاڻي سگھي ٿي. ان جديد ترين خلائي دوربين کي جيمز اسپيس ٽيلي اسڪوپ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪا هبل خلائي دور بين جي جاءِ والاريندي ۽ ڪائنات جي رازن تائن پردو کندي.

ناسا ڊگھي عرصي کان ان خلائي دور بين تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ اهڙي ريت جيمبز ويب خلائي دور بين انساني تاريخ جي سڀ کان طاقتور، پيچيدهه، جديد ۽ مدار  ۾ موڪلي ويندڙ سڀ کان وڏي خلائي دور بين جو اعزاز به رکي ٿي.

اها هبل خلائي دوربين کان ست ڀيرا وڌيڪ روشني جمع ڪري اسان کي ڪائنات جي بهترين تصوير ڏيکاريندي ۽ انفراريڊ روشني ڏسڻ سبب ڪائنات ۾ پري پري تائين موود جسمن جي تصوير به ڪڍي سگھندي ۽ شايد اسان قديم ڪائنات جي اها جهلڪي به ڏسي سگھو جنهن جو اڄ ڪو وجود ئي ناهي ۽ اها ختم ٿي چڪي آهي.

جيمز ويب خلائي دوربين جو شروعاتي منصوبو 1990ع جي ڏهاڪي ۾ بڻايو ويو هو. پر  ان سفر ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو منصوبو ڊانواڊول رهيو ۽ ڪيترين ٽيڪنيڪل رنڊڪن سبب هر هر دير جو شڪار ٿيندو  رهيو. 2007ع ۾ ان کي  تيار ڪرڻ  جو باقاعدا منصوبو شروع ٿيو. هاڻ ان جا سڀئي اوزار ڳنڍيا ويا آهن ۽ اسيمبلي به  مڪمل ٿي چڪي آهي.

هڪ ڪرين ذريعي دور بين  جي ٻين حصن کي پان ۾ ڳنڍيو ويو آهي جنهن ۾ درست ۽ حساس شيشا لڳايا ويا آهن. ان جي تياري ۾ هزارين ماڻهن ۽ ماهرن جي محنت شامل آهي . ناسان کان سواءِ، يورپي خلائي ايجنسي، ڪئنيڊا خلائي ايجنسي، نارٿ روپ گرومان ۽ ڪيترين ٻين يونيورسٽين ۽ ادارن جي ڀائيواري سان ان کي ٺاهيو ويو آهي ۽ ان کي 2021ع ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.