پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي هڪ خواب بڻجي ويو…!:جميل چانڊيو

پاڪستان جي پهرين عوامي چونڊيل وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت ۽ ملڪ اندر صنعتي انقلاب آڻڻ لاءِ 30 ڊسمبر 1974ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيل جو بنياد وڌو، جيڪو نفعي نقصان بدران ملڪ ۾ انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ واري ويزن هيٺ قائم ٿيو.

پاڪستان اسٽيل مل جي تعمير 25 ارب روپين جي لاڳت سان جڙي راس ٿي، هن اداري جي پيداوار 1984ع ۾ شروع ٿي ۽ جيڪا ملڪي معيشت ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻي. هن اداري خلاف پهرين ڏينهن کان منفي قوتون جيڪي جمهوريت ۽ ترقي جي خلاف آهن، تن جي سازش شروع ٿي. جيڪي اڄ به نروار ٿي بيٺيون آهن. اهڙي قوتن نه ٿي چاهيو ته ملڪ ۾ صنعتي انقلاب سان گڏ ملڪ اندر بيروزگاري جو خاتمو ٿئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن ته ڪامياب ويو ۽ ملڪ ايٽمي قوت بڻيو. پاڪستان اسٽيل لکين ماڻهن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح روزگار جا مهيا فراهم ڪيا ۽ اسٽيل ملز جي واڌاري لاءِ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتن واري دورن ۾ هزارين ماڻهن کي اسٽيل ملز ۾ روزگار سانگهي لڳايو. پاڪستان اسٽيل تڏهن سو سيڪڙو پنهنجي پيداواري هدف ماڻيندي ملڪي ناڻي ۾ 120 ارب روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز جي مد ۾ وفاقي خزاني ۾ جمع ڪرايا. پاڪستان اسٽيل هر سال 11 هزار ميٽرڪ ٽن پيداوار ڏيندي رهي جيڪو ملڪ جي 18 کان 20 سيڪڙو لوهي گهرج پوري ڪندو هو.

پاڪستان اسٽيل کي پرويز مشرف جي دور ۾ صرف 21 ارب 68 ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، جنهن کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي قومي اداري کي بچايو، پر بدقسمتي سان نواز حڪومت 10 جون 2015ع تي اداري جي گئس بند ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين هي ادارو بند آهي، پ پ جي اڳوڻي وفاقي حڪومت به فقط دلاسا ڏيندي رهي ۽ مختلف طريقن سان ڪڏهن پبلڪ پارٽنرشپ ته ڪڏهن چائنا ۽ روس کي هلائڻ جون آڇون ڪيون پر هي ادارو اڄ به بند آهي.

موجوده وفاقي حڪومت عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اسٽيل مل جي هلائڻ جا هڪ درجن کان وڌيڪ واعده ڪيا پر هي ادارو هلائڻ ۾ هن وقت تائين ڪامياب نه ويا، موجوده سرڪار اداري جي بحالي ته پري جي ڳالهه آهي پر پورهيتن کي پگهارون به نيشنل بينڪ آف پاڪستان کان وڏي وياج عيوض قرض وٺي ادا ڪري رهي آهي، هن وقت ادارو 700 سئو ارب کان وڌيڪ خساري ۾ وڃي چڪو آهي موجوده حڪومت جيڪا انصاف جي داعويدار آهي تنهن ۾ ئي 100 ارب رپيا خسارو ٿي چڪو آهي جنهن جو ڪارڻ اداري جي پيداوار بند هجڻ آهي، پاڪستان اسٽيل جي رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن سميت اداري تي 500 ارب کان وڌيڪ رهتون وفاق تي باقي آهن، جڏهن ته پاڻي بجلي ۽ گئس جي مد ۾ 200 ارب رپيا ٻڌايا وڃن ٿا، تازو، قرباني واري عيد کان اڳ ۾ اداري جي 12 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي پگهار ڏيڻ جا واعدا وچن پڻ ڪيا ويا پر عيد به ملازمن ۽ سندن ڪٽنبن انتهائي قسم پرسي واري حالت ۾ ڪئي، ملازمن کي دڪاندارن کير ۽ سبزي وارن اوڌر ڏيڻ بند ڪئي آهي ته ٻئي پاسي ملازمن جي ٻارن کي بروقت اسڪول ۽ ڪاليج جون فيسون نه ادا ڪرڻ تي علم جهڙي زيور کان به الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، اداري ۾ موجود وفاقي حڪومت جي ليبر ونگ ۽ اسٽيل مل جي انصاف ورڪر يونين پگهارون نه ملڻ خلاف عيد رات کان ملير پريس ڪلب آڏو بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي جڏهن ته احتجاجن طور عيد نماز به قومي شاهراهه تي ادا ڪئي، ان سلسلي ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي سوين ملازمن انصاف ورڪر يونين سي بي اي جي مرڪزي عهديدارن جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ملير پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي، ڪئمپ تي انصاف ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري ياسين ڄامڙو، سرور نيازي سميت سوين پورهيت ويٺل رهيا، ان موقعي تي سي بي اي جنرل سيڪريٽري ياسين ڄامڙو، سرور نيازي ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اسٽيل جي 12 هزار ملازمن ۽ سندن ڪٽنبن کي عيد الضحيٰ جي موقعي تي وفاقي حڪومت پگهارون نه ڏئي جيڪو ظلم ڪري رهي آهي، تنهن جي تبديلي سرڪار مان اميد نه هئي، جيڪڏهن اها تبديلي آهي ته پوءِ جنهن ۾ پورهيت ۽ مل جا هزارين آفيسر بکون ڪاٽين ٿا ۽ عيد واري ڏينهن به انهن جي گهرن ۾ چلهو نه ٻري ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي، هنن چيو ته وفاقي حڪومت عيد کان اڳ پگهارون ڏيڻ لاءِ دلاسا ۽ آسرا ڏنا ويا ته اسٽيل مل جي ملازمن جون پگهارون جاري ڪيون ٿا پر اڄ ڏينهن تائين ڪابه پگهار جاري نه ڪئي وئي ۽ مل ملازم انتهائي قسم پُرسي واري حالت ۾ آهن، پاڪستان اسٽيل مل هڪ قومي ادارو آهي. اڄ به هن اداري کي جيڪڏهن وفاقي سرڪار هلائي ته هي ادارو ملڪي معيشت ۾ خاطر خواهه موٽ ڏئي سگهي ٿو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.