دادو ۾ جوهي واسي پ پ جيالي پاران پنهنجي بيمار گهر واري جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ٿيڻ خلاف معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو ويو.
ٿهيم پاڙي جي رهواسي محمد علي پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس گهرواري گذريل 6 مهينن کان ذهني مرض ۾ متبلا آهي،
هن چيو ته گهر جو الهه تلهه کپائي سندس علاج ڪريو آهي پر ان باوجود ڪو به فرق نه ٿي سگهيو آهي.
هن چيو ته سندس گهر واري جو علاج ڪراچي خانگي اسپتال ۾ ممڪن آهي جتي علاج مهانگو هئڻ ڪري هو علاج ڪرائڻ جي سگهه نٿو رکي.
پ پ جيالي چيو ته زال جي علاج لاءِ ايم پي اي سيد غلام شاهه جيلاني کي اپيل ڪئي جنهن ڪا به مدد ناهي ڪئي.
پ پ جيالي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سندس گهر واري جو علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي.