عصمت جي وارثن پوليس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي جي اسپتال ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل ناري عصمت جي وارثن پوليس جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عصمت جي وارثن پوليس جي جاچ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. سندن چوڻ هو ته ڪورنگي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر شڪيل ماڻهن کي تنگ ڪندو آهي، ان سبب عصمت به سنڌ گورنمينٽ اسپتال مان نوڪري ڇڏي هئي ۽ هوءَ هڪ نجي اسپتال لاءِ ڪم ڪري رهي هئي. هنن ٻڌايو ته عصمت ڪجهه ڏينهن اڳ ڏند جي سور جي علاج لاءِ اسپتال وئي پر سندس لاش واپس آيو. مقتولا جي ماسي الزام مڙهيو ته عوامي ڪالوني پوليس ڪيس جي درست جاچ نه پئي ڪري. هوڏانهن جڊيشل مئجسٽريٽ ايسٽ جي عدالت ۾ ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران گرفتار ٽن جوابدارن عامر، شاهه زيب ۽ ولي محمد کي پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدارن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتال جو ڊاڪٽر فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي عصمت سان زيادتي ۽ قتل ۾ ڪهڙا عنصر ملوث آهن؟ سندس چوڻ هو ته ڏند جي تڪليف ۾ مبتلا عصمت جو موت ڏُکوئيندڙ آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي آهي؟ اهڙي قسم جا واقعا برداشت جوڳا ناهن. واضح رهي ته 25 ورهين جي عصمت ڪورنگي جي سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ انڪشاف ٿيو ته ناري کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.