لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو. جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس فاروق حيدر پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت عمران خان جي سومر 3 اپريل تائين دهشتگردي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. عمران خان جي اسڪين صحيح جي معاملي تي وڪيل ٻڌايو ته درخواست تي صحيحون عمران خان جون آهن. عدالت هدايت ڪئي ته درخواست تي عمران خان جون صحيحون هاڻي ڪرايو، جنهن تي عمران خان درخوست تي صحيحون ڪيون. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ زمان پارڪ ۾ آپريشن خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي عمران خان روسٽرم تي اچي آپريشن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا. ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ سوال ڪيو ته عمران خان سان عدالت ۾ اهي گارڊ ڪنهن جا آهن؟ جيڪڏهن پوليس جا آهن ته ٺيڪ، جيڪڏهن ذاتي آهن ته ٻاهر وڃن. عمران خان روسٽرم تي اچي ٻڌايو ته منهنجي گهرواري گهر ۾ هئي، گهر جا شيشا ٽوڙيا ويا، اسلام آباد ۾ هيس ته پوليس منهنجي گهر ۾ ڪارروائي ڪئي. سندس چوڻ هو ته اڄ مان لڪي عدالت پهتو آهيان، اڄ بنا ڪنهن قافلي جي آيو آهيان، هر هنڌ رنڊڪون لڳائي مون کي روڪيو ويو ته عدالت نه پهچي سگهان. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪڏهن سڀني ڌرين عدليا جي عزت نه ڪئي ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس.