عاليشان زندگيون گذاريندڙ عورتن جو اهڙو حال جو رب پناهه ڏئي!

عروج کي زوال ايندو جو مهاورو ته اسان سڀني ٻڌو آهي اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا جيڪي ڪَک پَتي مان لک به ٿيا هوندا ته ڪي لَک پَتي مان ڪَک پتي به ٿي هوندا. قدرت جو ڪمال چئجي، راز چئجي، قدرت جو قانون چئجي يا وري اهو قسمت جو کيل آهي يا انسان جون پنهنجون غلطيون ۽ رشتن جي دغائي آهي، پر امير ترين ماڻهو جڏهن روڊ تي وڃن ته شايد ئي ڪو ماڻهو هوندو جنهن جي اکين مان لڙڪ نه وهن. سنڌ ڌرتي ته اها ڌرتي آهي جتي ڪيترائي وڏا نالا وڏا ڪردار آخرت واري دور ۾ مدد جون اپيلون ڪندي ساهه ڏين ٿا پر سڄي دنيا ۾ اهڙا ماڻهو ضرور ملندا جيڪي عاليشان زندگي گذارڻ کانپوءِ روڊ تي پِني پيٽ گذرڻ ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن ۽ ڪيترائي ڏينهن بُکن تي ڪيتريون ئي سياري ۽ گرمي جون راتيون بنا ڪنهن چادر جي روڊ تي گذارن ٿا.

اڄ اسان اهڙي حوالي سان پاڪستان جي فلم انڊسٽري جي ڪجهه نالن جو ذڪر ڪنداسين جن جي شروعاتي زندگي تي تمام عاليشان گذري پر ٿوري غلطين، پنهنجي جي بيوفائي يا قسمت جي کيل جي ڪري آخرت اهڙي گذري جو هر ماڻهو پيو چوندو رب پناهه ڏئي.

آنچل خان

پاڪستاني شوبز ۾ هڪ نالو پشتو فلمن جي مشهور ترين اداڪارا آنچل خان جو آهي جيڪا ڪنهن وقت ۾ امير ترين عورت هئي، پر اهو به ڪو وقت هيو جيڪو هاڻي ناهي. آنچل خان جي ان وقت ۾ زندگي جي ڪا اهڙي شيءِ، سُک، سهولت نه هئي جيڪا وٽس موجود نه هجي پر جيڪڏهن کيس هاڻي ڏسجي ته اکيون ۾ لڙڪ لڙي پوندا.

آنچل خان هڪ سئو ٻه فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ لکين مداحن جي دلين جي حڪومت ڪئي پر هاڻي هوءَ روڊ تي اهڙي زندگي گذاري ٿي جيڪا اسان لاءِ مثال آهي. هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي اداڪارا جو چوڻ هو ته مان سنگاپور، ٿائي لينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ قطر سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ رقص جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي ۽ تمام گهڻي دولت ڪمائي. هن ٻڌايو ته اداڪاري ۽ محنت سان ڪمايل محنت سان مان هڪ عاليشان بنگلو ٺهرايو، ٻه لگزري گاڏيون ورتيون، ٽيهه تولا سون ورتو.

آنچل ٻڌائي ٿي ته اهو ڇا هيو جيڪو مون وٽ نه هجي؟ سڀ ڪجهه هيو، نه هيو ته صرف ۽ صرف ڏُک. پر پنهنجن جي بيوفائي اهڙي ٿي جو هاڻي ڏک ته آهن باقي ٻيو ڪجهه به ناهي.

اداڪارا چئي ٿي ته هن پنهنجي سڄي ملڪيت ۽ سون زيور پنهنجي ماءُ جي نالي ڪيا هئا ۽ وٽس ئي رکيا هئا، هڪ ڀيري مونکي منهنجي ماءُ چيو ته ڌيءَ مونکي معاف ڪجانءِ، جڏهن تون ڪنهن شو جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ويل هئين ته تنهنجي ڀائرن مونکي بيهوش ڪري ملڪيت جي ڪاغذن تي آنگوٺا لڳرائي سڄي ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏي ۽ سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.

هن چيو ته سڳن رشتن طرفان ڌوڪو کائڻ کانپوءِ منهنجي زندگي جو رخ مٽجي ويو ۽ تباهي شروع ٿي وئي، ان دور ۾ مون وٽ ٻه سئو کان مٿي ساڙهيون، چار سئو کان مٿي ڪپڙن جا جوڙا هوندا هئا، ٻيو سامان الڳ هو، پر هاڻي نه ئي ڪپڙا آهن ۽ نه ئي کاڌو کائڻ جي لاءِ ڪجهه. هينئر ماءُ مري چڪي آهي ۽ مان مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهيان. هن ٻڌايو ته اهو ڪيترائي ڀيرا ٿيو آهي ته مان ٻه ٻه ڏينهن ماني ناهيان کائيندي. ناليواري شخصيتن سان اٿڻ ويهڻ هوندو هيو، هاڻي پاڙيسري به ناهن سڃاڻيندا.

روحي بانو

اهڙي فهرست ۾ ٻيو نالو باصلاحيت اڳوڻي اداڪارا روحي بانو جو آهي جيڪا پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارائن مان هڪ آهي، ٿي سگهي ٿو نئين ٽهي کان وڏي عمر واري ماڻهن کي انهن جي مشهوري، حُسن ۽ اداڪاري بابت چڱيءَ ريت خبر هجي، پر پُٽ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ اها امير ۽ خوبصورت ترين اداڪارا به روڊ تي اچي وئي ۽ هاڻي سڃاڻڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي.

اهو به ڪو وقت هيو جو مداح روحي بانو جي هڪ جهلڪ ڏسڻ جي لاءِ سِڪندا هئا، پري پري کان پنڌ ڪندا هئا ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي گذاريندا هئا ۽ پيهه جو عتاب سهندا هئا، پر هاڻي هوءَ پنهنجي دنيا مان ائين گم ٿي وئي آهي جو ماڻهن به کيس صفا وساري ڇڏيو آهي.

ٻه هزار پنج ۾ روحي بانو تي ڏک جو اهڙو پهاڙ ڪڙڪيو جو هوءَ برداشت نه ڪري سگهي، سندس اڪيلي پُٽ کي پراسرار نموني قتل ڪيو هو، ان واقعي جي ٿورن ئي مهينن کانپوءِ روحي بانو کي ماءُ جو لاش به ڏسڻو پيو. بس اهي ڏينهن، روحي بانو انکانپوءِ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي ۽ گهٽين ۾ ڦرندي رهندي هئي. روحي بانو جي حالت اهڙي ٿي وئي هئي جو هوءَ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پئي هوندي هئي، چوڏهن سال لڳاتار عذيت ۾ گذارڻ کانپوءِ مختلف خيراتي ادارن طرفان سندس علاج ڪرايو ويو نيٺ پنجويهه جنوري ٻه هزار اڻويهه تي اها ترڪي جي شهر استنبول ۾ راهه رباني جي سفر تي هلي وئي.

انکانسواءِ ناليواري اداڪارا نائلا جعفري به آخري ڏينهن ۾ انتهائي تڪليف وارو دور گذاريو، کيس ڪينسر جي مرض جڪڙي ورتو هو ۽ ان جي علاج لاءِ هوءَ شوبز جي وڏن نالن، ڪرڪيٽرن ۽ سياسي اڳواڻن کان علاج جو اپيلون ڪيون ۽ آخر زندگي جي جنگ هارائي ويٺي.

اهي ته هيون فلمي شخصيتون پر اڄ به اهڙا ڪيترائي وڏا نالا روڊن تي فقيراڻي زندگي گذارن ٿا جن وٽ ڪنهن وقت ۾ آصف زرداري جو پيءُ قرض وٺڻ لاءِ ويندو هو. ملڪ جا ناليوارا بزنس مين ماڻهو وٽانئس قرض منظور ڪرائي ڪاروباري بڻجي ويا پر ان عورت جا هال به اڄ هڪ پراڻي کريل ڪار ۾ زندگي گذارڻ تي اچي پهتا آهن. مجبوري ايتري جو اها عورت واش روم ۽ باٿ روم جي لاءِ به مسجد ۾ وڃي ٿي ۽ سيارو هجي يا سانوڻ هڪ کريل پراڻي ڪار جا دَر بند ڪري سمهي ٿي ۽ روڊ تي زندگي گذاري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.