هينگ جي باري ۾ شايد ئي ڪنهن کي خبر هجي ته اهو اصل ۾ آهي ڇا ۽ ڪٿي ٿيندو آهي.
هينگ هڪ وڻ ۾ ٿئي ٿو انکي ان وڻ جو کنئو چئي سگهجي ٿو، ان جا ايترا فائدا آهن جو سنسڪرت جي ڪتابن ۾ به ان جو ذڪر آهي. ان جي خوشبو ٿوم جهڙي هوندي آهي. اصلي هينگ کي پاڻي ۾ ملائجي ته زردي جهڙي اڇي رنگ ٽڪڙو ٺهي پوندو ۽ باهه ڏيڻ تي ميڻ بتي جيان ڳرڻ لڳندو آهي. هينگ کي ڀڳل جاءِ تان تيزاب شورا لڳائجي ته ان جو ٿوري دير لاءِ رنگ سائو ٿي ويندو آهي. ان سڀني کان بهتري قسم هيرا هينگ جو آهي جيڪو فيرولا قسم جي هڪ ٻوٽي اڇي انجدان ۾ ٿئي ٿو. هينگ جو هڪ قسم هينگرا يا قنڌاري چيو ويندو آهي. جنهن ۾ شراب ۾ ڳڏجڻ جي صلاحيت هوندي آهي ۽ ٽنڪچر وغيره لاءِ به اهم آهي. اولهه مارڪيٽ ۾ ان جي تمام گهڻي گهر آهي جڏهن ته ڀارت ۾ به اهو ڪيترن ئي کاڌن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو جنهن هيرا هينگ کي ٻين جي قسمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ۽ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان کنئور جي وڻ لاءِ افغانستان ۽ ايران جو گرم ۽ پهاڙي واريون جايون تمام بهترين آهن پر اهو ڀارت ۾ گهڻو ٿيندو آهي.
مزاج جي حوالي سان هينگ تمام گرم ۽ خشڪ آهي، جيئن ته ٻڌائي چڪا آهيون ته ڀارتي کاڌن ۾ ان جو تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي جڏهن ته دال ماش، پٽاٽن ۽ ٻين بادي کاڌي ۾ هينگ کي استعمال ڪجي ته بهتر رهندو. هينگ اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي انفليمينٽري خاصيتن وارو آهي.
ننڍا ٻار گهڻي قدر زمين تي گمهندي مٽي ۽ ٻئي هر شيءِ وات ۾ وجهندا آهن جنهن جي ڪري انهن کي پيٽ ۾ جيت پئجي ويندا آهن انڪري هينگ گهر ۾ هجڻ ضروري آهي. هينگ فوڊ پوائزن جي لاءِ به بهترين آهي جيڪڏهن ڪنهن کاڌي جي ڪري ڪو زهريلو اثر ٿي پوي ته هينگ جو استعمال فوري طور تي پيٽ کي صاف ڪري مريض کي آرام ڏيندو آهي.هينگ جا فائدا هيٺ ڄاڻائجن ٿا.
هينگ ۾ ڪاربوهائڊريٽس، ريشا، ڪيلشيم، آئرن ۽ فاسفورس کانسواءِ اينٽي انفليميٽري، اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي فنگل خاصيتون موجود هونديون آهن جنهن جي ڪري ان جا صحت لاءِ به تمام گهڻا فائدا آهن.
ڪن جو سور
گهڻي قدر ٻارن جي ڪن ۾ سور پوندو آهي ۽ وڏن کي به اهڙي تڪليف ٿئي ٿي اهڙي صورتحال ۾ هڪ تولو هينگ، هڪ تولو وڏن هڪ تولي سڄا سُڪا ڌاڻا کڻي سڀني کي گڏائي پيهي وٺو، انکانپوءِ پائوڊر کي هڪ ڪلو پاڻي ۽ اڌ پاءُ تيل ۾ پچايو ايتري تائين جو سڄو پاڻي ختم ٿي وڃي ۽ تيل وڃي بچي، اهو تيل ڇاڻي ٿڌو ڪري ڪنهن بوتل ۾ وجهو ڪنهن به قسم جي ڪن جي سور ۾ اهو تيل هلڪو گرم ڪري ٻه ٽي ڦڙا ڪن ۾ وجهجن ته فوري طور تي آرام اچي ويندو آهي.
وارن جو ڇڻڻ
هينگ جي مالش وارن جي پاڙن کي مضبوط ڪندي آهي، ٻه چمچا هينگ ۾ اڌ چمچو پيٺل ڪاري مرچن جو وجهي ٻه چمچا سرڪو ملائي وارن جي پاڙن کي مالش ڪرڻ سان ٿوري ئي ڏينهن ۾ وار ڇڻڻ بند ٿي ويندا آهن.
ڏندن جو سور
هينگ جسم جي هر سور جي لاءِ انتهائي فائديمند آهي ۽ سوڄ کي ختم ڪري ٿو پر ڏندن جي سور جي خاتمي لاءِ ته ان جا اثر جادوئي هوندا آهن. هلڪي گرم پاڻي ۾ ٻه چپٽيون هينگ جون وجهي گرڙيون ڪجن ته ڏندن جو سور ختم ٿي ويندو.
هوڙن جو سور
هوڙن جي سور جو عذاب ته انکي خبر هوندي جنهن کي اهو سور پوندو هجي يا ڪڏهن پيو هجي پر جيڪڏهن هوڙن جي سور جي خاتمي لاءِ ٿوري مقدار ۾ هيرا هينگ هوڙن ۾ رکي ڇڏجي ته فوري طور تي راحت ملي وڃي ٿي.
ڏندن ۾ جيت لڳڻ
ٿورا ڪارا مرچ، اوترو هينگ، نِم جا پڻ ۽ لاهوري لوڻ سڀ هڪ جيترا کڻي انهن جو پائوڊر ٺاهي وٺو، رڳو هفتي ۾ ٻه ڀيرا اهو ٿورو پائوڊر ڦڪڻ سان ڏنهن ۾ لڳل جيت ختم ٿي ويندو آهي ٿڌي ۽ گرم شين جي احساس واري تڪليف به گهٽ ٿيندي.
ڏندن مان رت وهڻ
ليمي جي رس ۾ هينگ جو ٿورو مقدار ملائي ڪپهه جي مدد سان ڏندن تي لڳائجي ته ڏندن ۽ مهارن مان رت وهڻ وارو مسئلو ختم ٿي ويندو.
معدي جو سور
جن ماڻهن جو معدو خراب آهي بادي يا وزني شيون کائڻ کانپوءِ معدي ۾ سور پئجي ويندو آهي ته ڪشمش جا ٻج ڪڍي ان ۾ ٿوري مقدار ۾ هينگ وجهي مريض کي کارايو، معدي جي سور ۾ فوري طور تي آرام اچي ويندو، اهو نسخو انهن مريضن جي لاءِ به تمام گهڻو فائديمند آهي جن کي معدي جي سور جي ڪري چڪر ايندا آهن يا بلڊ پريشر وڌي وڃي ٿو ۽ بيقراري ٿئي ٿي.
مٿي جو سور
مائگرين، نزلي جي ڪري مٿي جو سور يا ٿڌ وارو مٿي جو سور هجي ان لاءِ به هينگ جو استعمال تمام فائديمند هوندو آهي. ڪافور، هينگ، پيپرمنٽ ۽ وڏفن کي سنهو پيهي وٺو ان پائوڊر کي گلاب جي عرق ۾ ملائي ڇڏيو. مٿي جي سور وقت انکي آهستي آهستي مٿي ۽ نرڙ تي مکڻ يا مالش ڪرڻ سان فوري طور تي مٿي جو سور ختم ٿي ويندو آهي.
ماهوار جو سور
اهي عورتون جن کي ماهواري ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿيندي آهي يا وري جن کي ماهوار کُلي ڪري صحيح نموني ناهي ايندي ۽ ماهوار جو نظام لڳاتار ساڳئي ئي وقت تي نه اچي ته انهن کي به هينگ جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
هڪ ڪوپ کير ۾ هڪ چٽڪي هينگ، ڏيڍ کاڌي وارو چمچو هرٻي جي ٻج جو پائوڊر ۽ اڌ چمچو لاهوري يا عام لوڻ هڪ مهيني تائين لڳاتار ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا استعمال پيئڻ گهرجي. هڪ مهيني ۾ ئي ماهواري واري تڪليف گهٽجي ويندي ۽ ماهواري وارو نظام به برقرار ٿي ويندو.
نزلو، کنگهه، سهڪو
هينگ اينٽي بايوٽڪ خاصيتون هجڻ جي ڪري کنگهه، دم يا سهڪي، بلغم، ڪاري يا وڏي کنگهه، پاسيرين ۾ سور لاءِ تمام فائديمند آهي. اجو ڪهڙي به نموني استعمال ڪجي ته سياري جي موسم جي تقريبن سڀني بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو.
بلغم واري کنگهه لاءِ هينگ ۾ هڪ جيترو وڏفن جو پائوڊر ملائي ۽ ٿوري ماکي وجهي کائجي ته کنگهه ختم ٿي ويندي ۽ هينگ کي پاڻي ۾ ملائي سيني تي مالش ڪرڻ سان سيني جي تڪليف به گهٽجي ويندي.
پيٽ جو سور
پيٽ جو سور، الٽي، جگر جا مسئلا، بدهضمي، گردن جو سور، بُک نه لڳڻ هجي يا پيٽ ۾ گيس، هينگ کي گرم پاڻي سان گڏائي کائڻ سان پيٽ جو هر سور ۽ هر مسئلو ختم ٿي ويندو آهي.
ڇتي ڪُتي جو ڏاڙهيل
ٿوري مقدار ۾ هيرا هينگ گلاب جي عرق ۾ ملائي روز پيئڻ، هينگ کي پاڻي ۾ ملائي سنهو ڪري ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل مريض کي زخم وٽ مکجي ته وڏو فائدو ٿيندو آهي.