مسافرن لاءِ ريل جو سفر مهانگو، پاڪستان ريلوي ڀاڙا وڌائي ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڊيزل جي اگهن ۾ تازي واڌ کانپوءِ  ريلوي گرين لائين ٽرين کانسواءِ تمام ٽرينز جي سمورن ڪلاسز جي ڀاڙن ۾ اٺ سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ريلوي اختيارين موجب ڊيزل جي اگهن واڌ سبب پاڪستان ريلوي تي روزانو 11.725 ملين رُپين جو اضافي ٻوجهه پيو آهي، ٽرينز آپريشن جاري رکڻ لاءِ اداري لاءِ ڀاڙن کي ريشنلائز ڪرڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي.

ريلوي اختيارين موجب ريلوي انتظاميا گرين لائين کانسواءِ تمام ٽرينز جي سمورن ڪلاسز جي ڀاڙن ۾ اٺ سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  نوان اگهه فوري طور لاڳو هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.