چوڌري ڀائرن بعد شريف خاندان ۾ به ڏار، پنجاب ڪابينا لاءِ مريم جو ڏنل نالو ڪاٽا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ (ن) اندر اختلاف ته چوٽ چڙهيل آهن، مريم نواز  کي پارٽي جو آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر ڪرڻ تي شاهد خاقان عباسي سميت ڪجهه سينيئر اڳواڻ خاموش رهندي خدشن جو اظهار ڪيو، شاهد خاقان عباسي ته ميڊيا ۾ اچي وڏي واڪ چيو ته نواز شريف ۽  شهباز شريف کي هو پارٽي اڳواڻ قبول ڪري ٿو پر مريم نواز کي اڳواڻ  قبولڻ لاءِ تيار نه آهي.

ٻئي طرف مفتاح اسماعيل روزاني جي بنياد تي ميڊيا ۾ اچي اسحاق  ڊار ۽ حڪومت تي تنقيد جا تير وسائي رهيو آهي. ان دوران اها به خبر آئي آهي ته اڳوڻي  نامور صحافي نظير ناجي جي فرزند انيق ناجيءَ جو نالو پنجاب جي نگران  ڪابينا ۾ مريم نواز شامل ڪيو پر وزيراعظم  شهباز  شريف اهو نالو ڪاٽي ڇڏيو.

انيق ناجي اڄ  ڪلهه لنڊن ۾ آهي  سندس شمار  بهترين صحافين ۾ ڪيو وڃر ٿو کيس لنڊن کان اچي وزارت جو قلمدان سنڀالڻو هو پر وزيراعظم شهباز شريف سندسن نالي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو.

نالي واري صحافي ظفر نقوي موجب ڪجهه وقت اڳ اها ڳالهه به  ميڊيا جي زينت بڻي هئي ته سلمان شهباز  غير سياسي قوتن کي فون ڪري چيو هو ته مريم نواز کي سياست مان ٻاهر ڪيو وڃي ان جو مطلب اهو آهي ته جهيڙو رڳو پارٽي اندر نه پر شريف خاندان اندر به چوٽ چڙهيل آهي.

اهو نواز شريف لاءِ هڪ نئون امتحان آهي ته پارٽي بچائي ٿو يا خاندان ٽٽڻ  کان بچائي ٿو. ڇو ته هاڻي مريم نواز کي پارٽي اڳواڻن ۽ خاندان جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو.

عمران خان ته پنهنجي غلط  سياسي فيصلن سبب پاڻ ئي سياسي موت مري رهيو آهي ان ڪري مريم  نواز لاءِ هاڻي عمران چئلينج نه رهيو آهي.

اصل چئلينج کيس پارٽي ۽ خاندان اندران آهي. ان کي ڪيئن منهن ڏئي ٿي اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. ڇو ته  چوڌري شجاعت جي خاندان جيان شريف خاندان به سياسي وراثت تي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

ان جو اندازو ان وقت به ٿيو هو  جڏهن مريم نواز واپس لاهور هوائي اڏي تي پهتي ته اياز صادق ۽  سعد رفيق سميت اهم اڳواڻ نه سندس استقبال لاءِ پهتا نه ئي اسٽيج تي نظر آيا هئا.

هاڻي نواز شريف لاءِ 3  چئلينج آهن. ملڪ به بچائڻو آهي. پارٽي به بچائڻي آهي ۽ خاندان به بچائڻو آهي. ڏسڻو آهي ته  ايندڙ  وقت ۾ ان حوالي سان نواز شريف  ڪهڙا فيصلا ڪري ٿو جيتوڻيڪ ناراض اڳواڻن  کي پرچائڻ جي ذميواري راڻا ثناءُ الله  ملڪ احمد ۽ ٻين  کي ڏني وئي آهي.

پر انهن جي ان حوالي سان اڃان تائين ڪابه  سرگرمي نظر نه اچي رهي آهي.  ياد رهي ته سعد رفيق به چئي چڪو هو  ته (ن)  ليگ جي عهدي لاءِ ڊي اين ا ي جو شريف خاندان سان ميچ ٿيڻ ضروري آهي.

نوٽ: عزاز سيد/ظفر نقويءَ جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز اربع 23-02-01 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.