ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس،سردار چانڊيو ڀاءُ سوڌو عدالت ۾ پيش

دادو(عوامي آواز نيوز) ام رباب چانڊيو جي والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي. جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ جوابدارن کي سينٽرل جيل حيدرآباد مان آندو ويو جڏهن ته ڪيس ۾ تازو شامل ڪيل ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو سميت الزام هيٺ آيل پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو، پوئواري ڪندڙ ام رباب ۽ سندن وڪيل عدالت ۾ نه پهتا، جنهن ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 فئبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.