سوشل ويلفيئر جي 45 آسامين لاءِ ايم اي سوشل ورڪ جي ڊگري نظر انداز

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ پبلڪ سرس ڪميشن سنڌ جي سماجي ڀلائي واري کاتي ۾ اعلانيل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جي 45  آسامين لاء ايم اي سوشل ورڪ جي ڊگري کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. رڳو سوشيالاجي ۾ ماسٽر ڪيل اميدوارن کان درخواستون طلب ڪرڻ تي سنڌ جي ٻن يونيورسٽين ۽ ڪاليج مان سوشل ورڪ ۾ ماسٽرس ڪندڙ اميدوارن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جي آسامين لاء سوشل ورڪ ۾ ماسٽرس ڪندڙ اميدوارن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ مقابلي کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر. سوشل ويلفيئر آفيسر توڙي اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر آفيسر جي 1970 جي ڏھاڪي کان وٺي ٿيل سمورين ڀرتين ۾ سوشل ورڪ ۽ سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪندڙ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ڀرتيون ڪيون پئي ويون آھن جن ۾ وڏي انگ ۾ سوشل ورڪ ۾ ڊگري رکندڙ اميدوار ڪامياب ٿيندا پئي رهيا آھن. جن مان ڪيترا ئي ترقي ڪري ڊائريڪٽر جي آسامين تي ويٺل آھن. واضح رهي ته اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر آفيسر(بي پي ايس 15) .اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر (بي پي ايس -17) . ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر (بي پي ايس -18). ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر (بي پي ايس – 19) ۽ ڊائريڪٽر جنرل سوشل ويلفيئر (بي پي ايس – 20)جون پوسٽون پروفيشنل نوعيت جون فيلڊ بيسڊ آساميون آھن. جيڪا تعليم ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي سميت ڪراچي جي ڪجھ ڪاليجن ۾ ڏني ويندي آھي. سوشيالاجي جي ڊگري نه پروفيشنل آھي نه ان ۾ فيلڊ جي ڪم ڪار جي تعليم ڏني ويندي تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جون 45 خالي آساميون ڀرڻ لاء اشتهار جاري ڪيو جنهن ۾ ھڪ ئي ڌڪ سان سوشل ورڪ جي ڊگري رکندڙ اميدوارن کي مقابلي کان ئي آئوٽ ڪندي رڳو سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪيل اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون ويون. جنهن سبب سوشل ورڪ ۾ ماسٽرس ڪيل اميدوارن ۾ مايوسي ڇانئجي وئي آھي ۽ سندن چوڻ آھي ته ساڻن وڏي زيادتي ڪري سندن مستقبل اونداهو ڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته هو رڳو سماجي ڀلائي کاتي ۾  ڪيرير جي اميد رکي سوشل ورڪ ۾ ماسٽرس ڪن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان سوشل ورڪ ۾ ماسٽرس ڪيل توڙي تعليم پرائيندڙ شاگردن ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو بنا دير نوٽيس وٺندي جاري ڪيل اشتهار واپس وٺي نئين سر اشتهار جاري ڪيو وڃي جنهن ۾ سوشيالاجي سان گڏ سوشل ورڪ ۾ ڊگري رکندڙ اميدوارن کي به اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر جي آسامين لاء درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو وڃي. هنن مطالبو نه مڃجڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.