مودي کي ڪاسائي سڏڻ باوجود ڀارت جي بلاول کي ملڪ اچڻ جي دعوت

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت پاڪستان کي شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ايس سي او اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي شرڪت جي دعوت ڏني  آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس هلندڙ سال مئي ۾ ڀارتي شهر گوا ۾ ٿيندو. هوڏانهن ان معاملي تي اڃا پاڪستان ردعمل جو اظهار ناهي ڪيو. ان سلسلي ۾ سفارتي حلقن جو چوڻ آهي ته بلاول کي شنگهائي تنظيم جي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ڀارت جي ذميواري آهي، هي ڪا وڏي اڳڀرائي ناهي. ڀارتي شهر گووا ۾ اجلاس ٿي رهيو آهي، ميزبان طور ڀارت کي پاڪستان سميت سڀني ميمبر ملڪن کي دعوت ڏيڻ ضروري آهي. پاڪستان جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر باسط خان جو چوڻ آهي ته هي بيڪ ڊور  ڳالهين جو اشارو ناهي، بلاول کي شنگهائي تنظيم جي اجلاس ۾ وڃڻ گهرجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.