ڀٽ شاهه پوليس جو ڏاڍ، صحافي جو ڀائٽيو گرفتار، احتجاج

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ) ڀٽ شاهه پوليس جي شيخ ڀرڪيو جي صحافي اي ڊي شاهاڻي جي يائٽيي شاهجهان شاهاڻي جي گهر ۾ بلاوجه گهر تي  چڙھائي ڪري پيتين جا تالا ٽوڙي گهر ۾ روڪ رقم سونا زيور ۽ کڻي ويا جڏهن ته سالن کان مقرر ايس ايڇ او ڀٽ شاه ممتاز شاه ۽ ٿاڻي تي مقرر اهلڪار بغير ڪنهن سرچ وارنٽ ۽ بغير ڪنهن ايف آءِ آر جي جي شيخ ڀرڪيو جي صحافي اي ڊي شاهاڻي جي ڀائٽيو شاهجهان شاهاڻي جي گهر ۾ ڪاهي پئي، صحافي جي ڀائٽيئي کي گرفتار ڪري مارڪٽ ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ بعد ٿاڻي تي وٺي آئي بعد ۾  معززين جي ٽياڪڙي بعد پنهجاه هزار روپيه رشوت وٺڻ چار ڪلاڪن بعد کيس آزاد ڪيو ويو ڀٽ شاه پوليس جي جي اهڙي ڪريل حرڪت بعد صحافين ۾ تاءُ پکڙجي ويو هنن ڊي آءِ جي حيدر آباد، ايس ايس پي مٽياري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته صحافي جي ڀائٽيي تي ظلم ڪندڙ ايس ايڇ او ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ سونا زيور واپس ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.