اتر ڪوريا جي راڄڌاني پيانگ يانگ ۾ ساهه جي نظام جي هڪ بيماري جي ڪيسن ۾ تيزي واڌ بعد بعد لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.
رپورٽس موجب اختيارين طرفان پيانگ يانگ ۾ ساهه جي هڪ بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن کانپوءِ پنج ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
انتطاميا طرفان جاري ڪيل حڪمن ۾ ڪووڊ 19 جو ذڪر ته ناهي ڪيو ويو پر شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو آچر تائين پنهنجن گهرن ۾ رهن ۽ روز هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جسماني گرمي پد چيڪ ڪري رڪارڊ جمع ڪرائين.
رپورٽس موجب پيانگ يانگ جي شهرين 24 هين جنوري تي ئي امڪاني سخت قدمن کي نظر ۾ رکندي کاڌي پيتي واريون شيون ذخيرون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون.