ميرپوربٺورو ڀرسان نجي ڪمپني جي ملازمن کان لکين رپين جي ڦر

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپوربٺورو لڳ ڀڏو اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل تي سوار 2 نامعلوم هٿياربندن جھوڪ شريف کان ميرپوربٺورو طرف  ايندڙ سوزڪي ۾ سوار نجي ڪمپني جي سيلز مين عنايت زئور ۽ ڊرائيور کي يرغمال بڻائي انهن کان اڍائي لک رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن ، انهي سلسلي ۾ ڪمپني ملازم عنايت زئور ٻڌايو ته جھوڪ شريف روڊ تي ڀڏو اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٻٽ ٻڌل هٿياربندن کين هٿيارن جي زور تي روڪي وٽانس روڪ رقم اڍائي لک رپيا ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڦر واقعي جو اطلاع جھوڪ شريف ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي، ياد رهي ته جھوڪ شريف ميرپوربٺورو روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پاران اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڦر جون وارداتون ڪيون ويون آهن ليڪن پوليس انتظاميا پاران انهن ڏوهارين کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.