مڪاني چونڊن جا حتمي نتيجا: ڪهڙي پارٽي اڳڀري رهي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي مڪاني چونڊن جي نتيجن تحت حتمي پارٽي پوزيشن تيار ڪري ورتي.

اليڪشن ڪميشن 229 يوسين ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊن جو نتيجو جوڙيو، جڏهن ته 6 يوسين جو نتيجو روڪيو ويو ۽ ان حوالي سان ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ٿيندي.

ان کانسواءِ 11 سيٽن تي اميدوارن جي لاڏاڻي سبب چونڊون نه ٿيون.

حتمي نتيجن موجب پ پ 229 مان 91 سيٽون کٽي پهرين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي 85، تحريڪ انصاف 42 سيٽون حاصل ڪيون.

اهڙي ريت ن ليگ 7، جمعيت علماءِ اسلام 2، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ آزاد اميدوار هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي.

ضلعن جي بنياد تي حتمي نتيجا:

سينٽرل ضلعي جي 42 مان 37 جماعت اسلامي، 4 پ پ ۽ هڪ سيٽ تحريڪ انصاف کٽي، اوڀر ضلعي جي 42 سيٽن مان جماعت اسلامي 19، پ پ 14 ۽ تحريڪ انصاف 19 سيٽون حاصل ڪيون.

ملير ضلعي جي 30 مان پ پ 20، تحريڪ انصاف 4، جماعت اسلامي 3، ن ليگ 2 ۽ آزاد اميدوار هڪ سيٽ کٽي، اولهه ضلعي جي 25 مان پ پ ۽ تحريڪ انصاف 9-9، جماعت اسلامي 5 ۽ جمعيت علماءِ اسلام 2 سيٽون کنيون.

ڏکڻ ضلعي جي 25 مان پ پ کي 15، تحريڪ انصاف کي 9، تحريڪ لبيڪ کي هڪ سيٽ تي ڪاميابي ملي، ڪورنگي ضلعي جي 34 مان 21 جماعت اسلامي 8 تحريڪ انصاف، 3 پ پ ۽ 2 سيٽون ن ليگ کٽيون.

ڪياماڙي ضلعي جي 31 سيٽن مان 26 سيٽون پ پ حاصل ڪيون، جڏهن ته ن ليگ 3، تحريڪ انصاف 2 سيٽون کٽيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.