ڇا استاد تنجينا خواجه سان  انصاف ٿي سگهندو؟

ساجد مسڻ

ڪڍڻ لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول تماچي بجير ۾ ٻه استاد جيڪي تازو آءِ بي اي جو امتحان پاس ڪري نج ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ تنجينا خواجه کي هيڊ مسٽريس ۽  مظفر کٽي کي نائب استاد ڪري رکيو ويو آهي. جن گڏجي اسڪول کي سٺي نموني سان هلائڻ،شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ، ٻارڙن ۾ ڪامپيٽيشن ڪرائڻ، شاگردن کان هفتيوار، پندره روزه ۽ ماهوار ٽيسٽون وٺڻ،  نت نون سائنٽيفڪ ۽ پيڊاگاجيڪل طريقي سان ٻارڙن کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي. اتي وري ضلعي بدين جي تعليم کاتي ۾ ويٺل هڪ دادلو استاد کين برداشت نٿو ڪري ۽ کين ڌمڪيون ڏئي ٿو.

هڪڙي پاسي تعليم وارو وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري صاحب تعليم جي بهتري، سڌاري ۽ واڌاري جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته اسان سنڌ جي تعليم کي بهتري جي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، نوان استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا آهن، صحيح آهي مڃون ٿا ته توهان ميرٽ تي استاد ڀرتي ڪيا آهن، تعليم جي بهتري ۽ معياري هجڻ لاءِ جاکوڙي به رهيا آهيون، پر جيڪي واڳون تعليم اندر موجود آهن، اهي توهان کان ڪيئن وڏا يا زور آهن؟ توهان وٽ اختيار آهي، هن وقت تعليم کاتي جو قلمدان سردار شاهه وٽ آهي ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري صاحب آهي، تنهن هوندي به تعليم کاتي ۾ تنظيم جي آڌار تي ڪيل ايڏي ديده دليري سان بدمعاشي، غنڊا گردي جو اسان سڀ اڄ ان عمل تي شرمنده آهيون!

ڇا اهو عمل اسان کي تعليم کاتي ۾ سونهين ٿو؟ ڇا ان عمل تي دنيا اسان کي تهذيب يافته قوم سڏيندي؟ ڇا اهو ڪيل عمل اسان تي سڄي عمر لاءِ داغ ناهي؟ ڇا دنيا اسان کي ان ڪيل عمل جو عين موقعي تي مهڻو يا طعنو نه ڏيندي؟ ڇا پ ٽ الف جي تنظيم هاڻي سرخرو ٿي اهو نعرو لڳائي سگهندي ته اسان استادن ۽ سنڌ جي بهتر تعليم لاءِ پاڻ ملهائي رهيا آهيون؟ ڇا سنڌي قوم سندس اهڙي حرڪت تي کين معاف ڪندي؟ اسان وٽ ته اڳ ۾ ئي معياري تعليم جي وڏي کوٽ آهي، وري رهيل ڪيل ڪسر تعليم دشمن تنظيمون  پوري ڪري ڇڏين ٿيون.

ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي بدين، ڪڍڻ لڳ گورنمينٽ پرائمري اسڪول تماچي  بجير ۾ هڪ سينيئر استاد هڪ فيميل ٽيچر  تي تشدد ڪري رهيو هيو، جنهن تي کيس هڪ ٻئي استاد صرف ايترو چيو ته سائين فيميل استاد سان ڇو ٿا وڙهو؟ بس سندس ايترو چوڻ ۽ اهو ساڳيو استاد هلندڙ ڪلاس ۾ فلمي انداز  سان ٻئي استاد کي لتن، مڪن، چنبن ۽ لٺين سان وسڪارو لائي ڏنو، جيڪا وڊيو ڪالهھ سوشل ميڊيا تي پڻ تيزيءَ سان وائرل ٿي آهي، جنهن عمل تي سنڌ جو ساڃاه وند طبقي سان گڏوگڏ تعليم کاتو پڻ شرمسار آهي.

هاڻي مجموعي طور تي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا استادن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون استاد دشمن ۽ تعليم دشمن تنظيمون آهن يا سڄڻ تنظيمون ؟ هڪ عام شهري بدين ضلعي جي شرمناڪ عمل تي ڇا سوچي؟ ان کي ڪهڙو نالو ڏي؟ ان تي ڪهڙو فخر ڪري؟ جيڪو استادن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم جي نالي تي سرعام استادن تي تشدد ڪري؟

ڇا استادن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ پ ٽ الف تنظيم جا اعلي عھديدار ان استاد خلاف ڪو اثرائتو قدم کڻي پنهنجي تنظيم جي ساک کي وڌيڪ متاثر ٿيڻ کان بچائي سگهندا؟ يا رهندو ان استاد کي بچائڻ لاءِ منٿ ميڙ قافلا ڪري مسئلي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا؟

ميرٽ جي بنياد تي آيل نئين هيڊ مسٽريس تنجينا خواجه جو چوڻ آهي ته هي استاد منهنجي اسڪول ۾ وربل آرڊر تي آيل آهي، جيڪو نه ڪلاس وٺندو آهي، نه اسڪول ايندو آهي، جيڪڏهن ايندو به آهي ته سي ايل هٽائي وري ٻن ٽن ڏينهن جون رهيل صحيحون ڪري هليو ويندو آهي، مٿان وري اهو بانور ڪرائيندو آهي ته مان سينيئر آهيان ۽ پ ٽ الف تنظيم جو ضلع ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پڻ آهيان، مان پنهنجي اعلي آفيسرن جو به دادلو آهيان، منهنجي مرضي آهي توهان ڪير ٿيندا آهيو مونکان پڇڻ وارا؟توهان ڪو به پڇڻ جو  حق نه ٿا رکو مونکان اچڻ يا نه اچڻ جو. منهنجي مرضي آهي، جئين ڪيان!

اهڙي حالت سنڌ جي ٻين اسڪولن ۾ به هوندي،جتي اسان جون فيميل ٽيچر پنهنجي عزت خاطر ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍنديون هونديون، جنهن جي ڪري اهڙا درندا استاد من مانيون ۽ غنڊا گردي  ڪندا هوندا.

هاڻي ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته اهڙي ڪريل حرڪت ۾ ملوث استاد کي نه صرف تعليم کاتي مان برطرف ڪيو وڃي، پر کيس ڪيل قدم جي عبرتناڪ سزا پڻ ڏني وڃي، جئين آئينده لاءِ ڪو ٻيو استاد اهڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.