بڊاڻي ۾ نوجوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام

بڊاڻي (ن ع آ( بڊاڻي ۾ نوجوان دل جو دورو پوڻ سبب فوت، بڊاڻي لڳ ڳوٺ ڄام ميرل  سانگي جو رهواسي 35 سالا نوجوان سجاد حسين سانگي کي اچانڪ دل جو دورو ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ويندي فوت ٿي ويو ، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ وقت گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

  • پنو عاقل ڀرسان ڳوٺاڻن جي جعلي سروي،گروهه نشان وٺي گم، احتجاج

پنوعاقل(ن ع آ) پنوعاقل جي يونين ڪائونسل جي ديهھ بوھي ۾ اڪثر ڳوٺن جي رهواسين  سان سرڪاري عملدار ڄاڻائي ھڪ گروهه آنگوٺن جا نشان، شناختي ڪارڊ نمبر ۽ ٻيو رڪارڊ وٺي ٺڳي ڪري ويا، ڳوٺاڻن پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي وئي، مظاھرو ڪندڙ محمد امين، محمد عارف، علي بخش ڀيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته احمد علي ملڪ، محمد عامر جلالي ۽ ٻيا اسان جي ڳوٺن ۾ سرڪاري عملدار ڄاڻائي سروي ڪرڻ آيا جن اسان جي گوٺن ۾ برسات سبب متاثر ٿيل گھرن جي سروي جو چئي ڊيوائيس تي اسان جي آنگوٺن جا نشان ورتا جيڪي جعلي سروي ڪري ويا آھن ھو اسان جي ڊيٽا وٺي سرڪاري امداد ڪڍرائي ويندا، اسان کي اھو به خدشو آهي ته اسان جي آنگوٺن جي نشانن تي جعلي سمون ڪڍرائي ڏوھي وارداتون ڪري اسان مسڪينن کي ڦاسايو ويندو. ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو  ته جعلي سروي ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي، ھوڏانھن اسسٽنٽ ڪمشنر جي ايم گھانگھرو ٻڌايو ته جعلي سروي بابت درخواست موصول ٿي آھي جنھن تي پوليس کي ڪارروائي لاءِ لکيو آھي، جڏھن تہ سروي ڪندڙ مزمل شيخ ٻڌايو تہ مونکان ڏھاڙي تي احمد علي ملڪ، عامر جلالي ۽ ٻين سروي ڪرائي آھي، جعلي سروي بابت مان پاڻ ايف آئي اي ڏي ويو آهيان.

  • ڪنڌڪوٽ ۾ چرس رکڻ جو ڏوهه ۾9 سال قيد جي سزا

ڪنڌڪوٽ (ڊر) ڪنڌڪوٽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي فرسٽ ايڊيشنل  سيشن جج محمد علي قريشي جي عدالت ۾ منشيات جي ڪيس ۾ جوابدار حاڪم علي گولو تي 1500 سو گرام چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 9 سال قيد ۽ اسي ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي واضع رھي ته جوابدار مٿان بي سيڪشن ٿاڻي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ اي ايس آءِ جانب علي ملڪ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جيڪو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ ھو عدالتي فيصلي بعد جوابدار کي سکر سينٽرل جيل موڪليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.