غلام الله ۾ مهانگائي خلاف سوين رهواسي روڊن تي نڪري آيا، احتجاج، ڌرڻو

غلام الله (رپورٽ: پيرل پياسي) غلام الله ۾ ٻروسر ڪالوني سومار ھوٽل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ خلاف سوين غريب پورهيت ۽ رهواسين سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن تي نڪري آيا، بس اسٽاپ ڪنڀار واڙو کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٺٽو-غلام الله روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد علي رند، قاسم ملاح، اقبال رند ۽ ٻين چيو ته ڊي سي ٺٽو جي اعلان 75 رپيا اٽو ڪرڻ باوجود به ملز مالڪ ۽ واپاري پنھنجي ھوڏ تي قائم آھن، غريب مسڪين ماڻھو سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن، پنج سئو رپيا ڏھاڙي ڪمائڻ وارو مزدور به سخت پريشان آهن، غريب مسڪين ماڻھو فاقا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، غلام الله ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ملز مالڪن ۽ واپارين هڪ صلاح ٿي، هن وقت اٽو 140 کان 160 رپيا وڪرو ڪري رهيا آھن، اهو سراسر ظلم آھي. ھنن چيو ته ساڪرو، ٻھارا، ور ۽ انهن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اٽو 95 رپيا وڪرو ٿي رهيو آھي پر اسان جي شھر غلام الله ۾ اهو اٽو 140 کان 160 رپيا وڪرو ٿئي پيو، اسان سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته غلام الله جي ملز مالڪن ۽ واپارين خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ۽ اٽي سميت روزاني جي شين جي اگهن تي ضابطو آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.