ثاقب نثار ۽ قمر جاويد باجوا ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو: ڪيپٽن (ر) صفدر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته قوم مهانگائي ۾ مري رهي آهي ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دبئي ۾ مهانگي شاپنگ جا مزا ماڻي رهيو آهي.

لاهور جي مقامي عدالت ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته مان آئين جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، آئين مون کي حق ڏنا آهن، مون تي ڪيس جي پويان بااثرن جا هٿ هئا.

هن چيو ته قوم مهانگائي ۾ مري رهي آهي ۽ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دبئي ۾ مهانگي شاپنگ جا مزا ماڻي رهيو آهي، گذريل رات ئي قمر جاويد باجوا وائيٽ گولڊ خريد ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ثاقب نثار ۽ قمر جاويد باجوا ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.