ڀان سيد آباد ۾ بوبڪ جي اميدوارن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ تشدد وارن واقعن خلاف ڌرڻو

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل ) سيوهڻ تعلقي جي يوسي بوبڪ تي وائيس چيئرمين جي اميدوار سيد رحيم شاهه، ضلعي ڪائونسل جي اميدوار شاهد پنهيار، سندس والد گل حسن پنهيار ۽ ٻين کي پولنگ تي پوليس پاران تشدد ۽  گم ڪرڻ خلاف سندن ووٽرن ، حامين ، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ  پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي چيئرمين جي اميدوار محمد رمضان ملاح چيو ته پ پ وارا پنهنجي شڪست ڏسي بوکلائجي ويا،تعلقي سيوهڻ پوليس ڪمرو بند ڪري اسان جي ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍي ٺپا هنيا، اسان هارايو نه پر کٽيو آهي، پولنگ تي هوائي فائرنگ ڪري اسان جي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻائي کنڀيو ويو، هن چيو ته اسين نتيجا قبول نه ٿا ڪريون، رينجرز جي موجودگيءَ ۾ ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي، ايس يو پي جو مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ۽ پي ٽي آءِ ضلعي ڄامشوري جو صدر سيد محمد علي شاهه به اميدوارن سان يڪجهتي جي اظهار طور بوبڪ پهتا، ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو ڳالهائيندي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي ڌانڌليءَ سان ووٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اميدوارن کي کنڀي گم ڪرڻ، حراسان ڪرڻ، ووٽ خريد ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ جهڙا حربا استعمال ڪري بدترين اليڪشن ڪرائي وئي، هن وقت پوليس مراد شاهه ۽ سندس ساٿين کي تحفظ ڏئي رهي آهي، عام چونڊن ۾ ٻاهر به نه نڪري سگهندا، ماڻهو ڦٿل ٽماٽن ۽ بيضن سان سندن استقبال ڪندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد محمد علي شاهه ڪاظمي چيو ته سيد مراد علي شاهه پنهنجي مخالفت برداشت نه ٿو ڪري سگهي، جيڪا جمهوريت جي نفي آهي، طاقت جي استعمال ۽ پئسي سان چونڊ نتيجا حاصل ڪيا ويا، انهن چيو ته سي ايم سنڌ ۾ فرعون جو روع اچي ويو آهي ، آزاد اميدوار شاهد پنهيار ۽ ٻين کي کنڀي گم ڪرڻ بعد ايس ايس پي ڄامشورو پوري ضلعي جو پوليس ساڻ ڪري آزاد اميدوار شاهد پنهيار جي گهر تي چڙهائي ڪري بوبڪ شهر آس پاس علائقن ۾ خوف ڦيرائي رهيا آهن ، جيڪا هتان جي آزاد اميدوار ۽ سندن حامين ووٽرن سان وڏي زيادتي آهي ،  هوڏانهن مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر کنڀي گم ڪيل اميدوار آزاد نه ڪيا ويا ته انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.