سڪرنڊ ڀرسان وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پيرسن فوت

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان قومي شاهراهه تي وئن موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ سعيد ڀرسان ڳوٺ  باگو جمالي جو رهواسي 60  ورهين جو سڪندر جمالي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث اباڻي ڳوٺ سعيد آباد ڀرسان باگو جمالي کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.