ٽنڊو محمد خان ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ مارجي ويو

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀرسان ڳوٺ حسين خان لغاري ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ننڍي ڀاءُ محمد بخش ٽنگڙي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڌڻي بخش ٽنگڙي کي گولي هڻي  قتل ڪري ڇڏيو آهي واقعي واري هنڌ پوليس پهچي قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، ٻڌايو وڃي پيو ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ پلاٽ جو تڪرار هلندڙ هو ، جنهن تان اڄ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي ، سٽي ٿاڻي جي وڏي منشي سيد ظهير شاھ صحافين  کي ٻڌايو آهي ته اسان وٽ اڃان قتل ٿي ويل نوجوان جا وارث ٿاڻي تي نه پهتا آهن ، وارثن جو چوڻ آهي ته لاش دفنائڻ کانپوءِ ٿاڻي تي اچي ڪيس داخل ڪرائيندا ، جڏهن ته قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدار محمد بخش ٽنگڙي کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي ، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ، جلد جوابدار جي گرفتاري عمل هيٺ اچي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.