2022 ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ ڇرڪائيندڙ واڌ

سڄي دنيا ۾ ڊجيٽل رجحان کي نظر ۾ رکندي هڪ ڪمپني ڊيٽا اي آءِ رپورٽ ڇاپي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2022 ۾ سوشل ميڊيا ايپ جي شهرت ان تي گذاريل عوامي وقت ۾ به غيرمعمولي واڌ ٿي آهي.

رپورٽ موجب گذريل فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارم کانسواءِ نئين ايپ به پنهنجي جڳهه بڻائي ويون جن جا واهپيدار 2022 ۾ 53 لک هئا ۽ هاڻي هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويا آهن. جڏهن ته انهن ۾ آمريڪي واهپيدارن جي اڪثريت آهي ۽ ميٽا جون ايپس ڪامياب ويون آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آيه ته ٽڪ ٽاپ ايپ جي آمدني ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي آهي جيڪا سڀ کان گهڻي آهي. هن سال خاص ڪري لائيو اسٽريمنگ ۽ لائيو شاپنگ اسٽريم گهڻيون مشهور ٿيون. پوءِ ٽڪ ٽاڪ ايپ جي اندر ئي ڪرنسي خريدڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي سهولت به ڏني جنهن کي گهڻو ساراهيو ويو.

هن سال آمريڪي واهپيدار چين ۽ جاپان کان اڳتي نڪري ويا ۽ هنن سڀ کان وڌيڪ سوشل ميڊيا ايپ تي وقت گذاريو. سوشل ميڊيا ايپس جي استعمال تي عالمي پيماني تي ٽي ڀيرا واڌ ٿي آهي. سال 2022 ۾ سوشل ميڊيا ايپس تي گذاريل وقت ۾ به 17 سيڪڙو واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.