چپلي ڪباب تيار ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چپلي ڪباب هڪ اهڙي ڊس آهي جيڪا شايد سڀني کي پسند هوندي، ڀلي نان سان گڏ يا وري دال چانورن سان گڏ هجي، انهن سڀني سان گڏ ئي چپلي ڪباب مزيدار لڳندو آهي.

گھڻا ماڻهو ته رُکا ڪباب کائڻ جا به شوقين هوندا آهن.

جيتوڻيڪ هر رسٽورنٽ ۾ تيار ٿيندڙ ڪباب سڀني کي پسند ناهن ايندا ۽ گھڻين عورتن کي ائين به لڳندو آهي ته چپلي ڪباب گھر ۾ تيار ڪرڻ شايد گھڻو ڏکيو هوندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اهي غذائون جيڪي ڪچيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي

پر جيڪڏهن اوهان کي ريسٽورنٽ جا ڪباب پسند ناهن اچي رهيا ۽ پنهنجي پسند جا چپلي ڪباب کائڻ چاهيو ٿا ته اوهان ان ڊش کي تيار ڪرڻ سکي وٺو؟

هي به پڙهي سگھو ٿا: جنجر چلي چڪن

هتي اسان اوهان کي چپلي ڪباب پچائڻ جي سولي ترڪيب ٻڌائي رهيا آهيو، ان ترڪيب کي آزمائي پنهنجي گھر ۾ مزيدار چپلي ڪباب تيار ڪريو.

چپلي ڪباب جي ترڪيب:

شيون:

11 کان 13 ڪباب ٺاهڻ لاءِ ڍ

بيف جو قيمو- هڪ پائونڊ

ڪڻڪ جو اٽو- کائڻ جا چار چمچا

بصر ڪاٽيل-هڪ عدد وچولو

ڳاڙها مرچ پائوڊر- چانهه جو هڪ چمچو

زيرو- چانهه جو هڪ چمچو

ساوا ڌاڻا- کائڻ جا چار چمچا

لوڻ – ذائقي موجب

ساوا مرچ ٻه عدد

ثابت ڌاڻا ڪٽيل- کائڻ جو هڪ چمچو

آنو-اڌ

ڏاڙهونءَ جا داڻا- ڍائڻ جو هڪ چمچو

ٽماٽا- ڪاٽيل ٻه عدد وچولا

تيل- ترڻ لاءِ

طريقو:

سڀني شين کي وڏي ٿانوَ ۾ مڪس ڪيو، پوءِ هٿ جي مدد سان گول ڪباب ٺاهيو.

هلڪي تيل ۾ فراءِ ڪيو ۽ گرم نان ۽ ڏهي سان گھروارن سان گڏجي کائو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.