آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ هلندڙ سال معاشي ترقي 2 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي

عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف ) چيو آهي ته هلندڙ سال پاڪستان جي معاشي ترقي 2 سيڪڙو رهڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته ايندڙ مالي سال پاڪستان جي شرح وڌي ڪري 3.5 سيڪڙو ٿيڻ جي اميد آهي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن سال مهانگائي 24.8 سيڪڙو، ايندڙ سال 12.7 سيڪڙو تي اچي ويندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ هن سال بيروزگاري 8 سيڪڙو آهي، ايندڙ سال بيروزگاري گهٽجي 7.5 سيڪڙو تائين اچي ويندي، جڏهن ته مالي سال جو خسارو 7.5 آهي ته ايندڙ سال جي ڊي پي 7.4 سيڪڙو تائين رهڻ جا امڪان آهن.
آءِ ايم ايف موجب هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو ناڪاري 0.8 سيڪڙو تائين محدود رهندو، ايندڙ سال پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ناڪاري 1.2 سيڪڙو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.